وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته 20 سال اڳ ڊاڪٽر اسرار ۽ حڪيم سعيد جي پي ٽي آءِ باني جي باري ۾ راءِ صحيح ثابت ٿي رهي آهي.
شڪرڳڙهه ۾ اباڻي ڳوٺ فتووال ۾ جلسي کي خطاب ۾ احسن اقبال چيو ته اسرائيل چئي رهيو آهي ته پي ٽي آءِ باني پاڪستان سان اسان جا لاڳاپا بهتر ڪري سگهي ٿو، 20 سال اڳ ڊاڪٽر اسرار ۽ حڪيم سعيد جي پي ٽي آءِ باني جي باري ۾ ڏنل راءِ صحيح ثابت ٿي رهي آهي.
هن چيو ته پي ٽي آءِ باني چار سال مرڪز ۽ پنجاب ۾ حڪومت ڪئي پنهنجي حڪومت جي دور ۾ هن گاريون ڏيڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه ڪيو. هن پنهنجي حڪومت جا 4 سال سياسي مخالفن کي چور ۽ ڌاڙيل چوڻ ۾ گذاري ڇڏيا.
احسن اقبال چيو ته پي ٽي آءِ باني جي ذريعي ملڪ ۾ انتشار جي سازش ٿي رهي آهي، حڪومت سازشن ۽ فوج دهشتگردي جي خلاف وڙهي رهي آهي اسان جنگ کٽي ملڪ کي ٻيهر ترقي جي رستي تي وٺي وينداسين. پي ٽي آءِ باني عثمان بزدار ۽ پرويز الاهي کي چونڊي وزيراعليٰ لڳايو. پي ٽي آءِ باني مون کي ڪوڙي ڪيس ۾ اڊيالا جيل ۾ بند ڪيو.
هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن مان بطور اسيمبلي ميمبر جي طور تي موت جي سزا واري قيدي جي چڪي ۾ رهي سگهان ٿو ته پي ٽي آءِ باني ڇو نه.؟ جيڪڏهن ڪير سمجهي ٿو ته خان کي چڪي ۾ نه هجڻ گهرجي ته اهو مون کان به معافي گهري، اڄ پي ٽي آءِ باني کي جيڪو ڪجهه برداشت ڪرڻو پئجي رهيو آهي اهو سندس ڪرتوتن جو صلو آهي.