190 ملين پائونڊ ڪيس: جوابدار زلفي بخاري جي ملڪيت ضبط ڪرڻ جو حڪم

 احتساب عدالت 190 ملين پائونڊ ڪرپشن ڪيس ۾ عمران خان جي ويجهي ساٿي زلفي بخاري جي ملڪيت ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد رانا نيب جي درخواست منظور ڪندي زلفي بخاري جي ملڪيت ضبط ڪرڻ جو فيصلو ٻڌايو.

عدالت زلفي بخاري جو 30 ڪنال پلاٽ به ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جڏهن ته اسلام آباد جو ٻيو 4 ڪنال پلاٽ به ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

اٽڪ ضلعي ۾ زلفي بخاري جي 1210 ڪنال 12 مرلا ملڪيت آهي، جنهن مان زلفي بخاري جي اٽڪ ۾ 91 ڪنال 10 مرلا زمين پڻ ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

Read Previous

ججن جي مدي ۾ واڌ، آئيني ترميم اڄ قومي اسيمبلي ۾ پيش ٿيڻ جو امڪان

Read Next

عمران خان ملاقات لاءِ جيڪا لسٽ ڏئي ان تي عمل ڪيو: عدالت جي ايس پي اڊيالا جيل کي هدايت

Most Popular