اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڊيالا جيل جي سپرنٽينڊنٽ کي عمران خان سان ملاقات لاءِ مليل لسٽ تي عمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان اڊيالا جيل ۾ ملاقاتن بابت پي ٽي آءِ جي باني جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ سپرنٽينڊنٽ اڊيالا جيل عبدالغفور انجم ۽ پي ٽي آءِ جا وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا.
ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ جي وڪيل بئريسٽر علي ظفر چيو ته اڱاري ۽ خميس ڏينهن ٻن وڳي جيل جي ننڍڙي ڪمري ۾ ملاقات ٿيندي آهي، عدالت لوڪل ڪميشن جوڙي جيڪا رپورٽ پيش ڪندي.
پي ٽي آءِ جي وڪيل جي موقف تي عدالت چيو ته اڳوڻو حڪم رڳو ٽرائل تائين محدود ناهي، ٽرائل ٿئي يا نه، وڪيلن کي مڪمل سهولتون ڏنيون وڃن، توهان ان حوالي سان توهين عدالت جي درخواست داخل ڪري سگهو ٿا.
ان دوران سپرنٽينڊنٽ جيل سنڌ هاءِ ڪورٽ کي ٻڌايو ته عدالت جي حڪمن تي مڪمل عملدرآمد ٿي رهيو آهي، لوڪل ڪميشن به قائم آهي، ان تي جسٽس سردار اعجاز چيو ته لوڪل ڪميشن الڳ ڪيس آهي، توهان کي انصاف تائين رسائي يقيني بڻائڻي آهي، پر انهن وڪيلن کان علاوه ٻين سان ملڻ جو به ڪيس آهي.
جيل سپرنٽينڊنٽ چيو ته عدالت اسان کي واضح حڪم ڏئي.اسان پريشان ٿي وڃون ٿا، ڪڏهن هڪ فهرست اچي ٿي، ڪڏهن ٻي، اسان کي پريشان ڪري ٿي. جنهن تي عدالت هدايت ڪئي ته عمران خان جيل ۾ جيڪا لسٽ ڏني آهي ان مطابق عمل ڪيو وڃي.