
ڪراچي جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت به ڪارساز روڊ حادثي جي ڪردار نتاشه جي منشيات ڪيس ۾ ضمانت رد ڪري ڇڏي.
عدالت درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، ان کان اڳ جڊيشل ماجسٽريٽ جي عدالت به نتاشه جي منشيات ڪيس ۾ ضمانت رد ڪئي هئي، نتاشه پاران عدالت جي فيصلي کي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو هو.
نتاشه ڪارساز روڊ حاثي ڪيس ۾ ضمانت تي آهي، حادثي ۾ فوت ٿيل شهري عمران عارف ۽ سندس ڌيءَ آمنه عارف جا وارث نتاشه کي معاف ڪري چڪا آهن، نتاشه تي نشي ۾ ڌت ٿي ڊرائيونگ ڪرڻ جا الزام به آهن.