عظيم پرتگالي فٽبالر سوشل ميڊيا تي تاريخ رقم ڪري ڇڏي

پرتگال جي ليجنڊري فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي هڪ ٻيو تاريخي ڪارنامو انجام ڏئي ڇڏيو.

ڪجهه ڏينهن اڳ ڪرسٽيانو رونالڊو کي يوٽيوب طرفان ڪجهه ڪلاڪن اندر لکين سبسڪرائيب حاصل ڪرڻ تي سلور، گولڊن ۽ ڊائيمنڊ بٽڻ سان نوازيو ويو هو.

هاڻ اسٽار فٽبالر سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي هڪ تفصيلي پوسٽ شيئر ڪئي جنهن ۾ هن لکيو ته ” اسان هڪ عرب فالوورز سان تاريخ رقم ڪري ڇڏي آهي، هي رڳو نمبرز ناهن پر ان راند سان اسان جي گهري محبت، جذبي ۽ نڀاءُ جو ثبوت آهي.“

ڪرسٽيانو رونالڊو چيو ته ميڊيرا جي گهٽين کان دنيا جي سڀ کان وڏي اسٽيج تائين مان پنهنجي ڪٽنب ۽ چاهيندڙن لاءِ کيڏيس ۽ هاڻي اسان هڪ ارب گڏ بيٺا آهيون.

پرتگالي اسٽار موجب، ماڻهو هر سٺي ۽ خراب وقت ۾ مون سان گڏ رهيا انڪري هي سفر اسان جو سفر آهي اسان اِهو سڀني گڏجي اِهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته ڪجهه به حاصل ڪري سگهون ٿا.

ڪرسٽيانو رونالڊو چيو ته مٿس اعتماد ڪرڻ، سپورٽ ڪرڻ ۽ سندس زندگيءَ جو حصو بڻجڻ لاءِ اوهان سڀني جي مهرباني، بهترين وقت اڃا باقي آهي، اسان سڀ گڏجي ڪاميابين جي تاريخ جوڙڻي آهي.

Read Previous

فوج خيبر پختونخواهه پوليس کي سهڪار فراهم ڪندي رهندي: آرمي چيف

Read Next

جوني ليور عمران خان کي فيورٽ پاڪستاني ڪرڪيٽر قرار ڏئي ڇڏيو

Most Popular