ايشيائي ترقياتي بئنڪ مان پاڪستان لاءِ 32 ڪروڙ ڊالر قرض منظور

ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان لاءِ 32 ڪروڙ ڊالرز قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي.

ايشيائي ترقياتي بئنڪ طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اِها رقم خيبرپختونخوا ۾ روڊن جي بحالي، ٻهراڙي وارن علائقن کي ڳنڍڻ ۽ سيفٽي وڌائڻ لاءِ خرچ ڪئي ويندي.

پڌرائي موجب، قرض جي رقم مان رورل روڊز ڊيولپمينٽ پروجيڪٽ ذريعي 9 سئو ڪلو ميٽر ٻهراڙي جا روڊ اَپ گريڊ ٿيندا، ڪي پي ۾ اِهو روڊ ٻوڏ سبب تباهه ٿي ويا هئا، اِهي روڊ آبادي کي تعليم، صحت ۽ مارڪيٽ تائين رسائي ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا.

ايشيائي ترقياتي بئنڪ موجب، روڊ ٽرانسپورٽ پاڪستان ۾ سماجي ترقيءَ جو اهم عنصر عوام جي لائيف لائين آهي، ان رٿا تحت مسافرن کي بهترين سفري سهولتون مهيا ٿينديون، سندن وقت بچندو، ڀاڙن ۾ لاٿ ايندي، منصوبي سان لکين ماڻهن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا.

Read Previous

جوني ليور عمران خان کي فيورٽ پاڪستاني ڪرڪيٽر قرار ڏئي ڇڏيو

Read Next

رپئي جي مقابلي ۾ آمريڪي ڊالر وڌيڪ سستو ٿي ويو

Most Popular