اسلام آباد: (سومر: 21 آڪٽوبر 2024ع) 26هين آئيني ترميم جي لاڳو ٿيڻ کان پوءِ نئين چيف جسٽس جي مقرري لاءِ نالا اماڻڻ ۾ ڪجهه ڪلاڪ رهجي ويا آهن.
گذريل ڏينهن سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي 26هين آئيني ترميم جي منظوري ڏني هئي جنهن کان پوءِ اڄ صدر آصف زرداري طرفان صحيح ڪرڻ کان پوءِ آئيني ترميم باقاعده آئين جو حصو بڻجي وئي آهي.
26هين آئيني ترميم کان پوءِ چيف جسٽس جي مقرري 3 ڏينهن اڳ ٿيندي. چيف جسٽس جي مقرري لاءِ نالا اماڻڻ لاءِ 35 ڪلاڪن جو وقف بچيو آهي.
سپريم ڪورٽ جو موجوده چيف جسٽس 22 آڪٽوبر رات جو 12 وڳي تائين 3 نالا آئيني ڪميٽي ڏانهن اماڻڻ جو پابند آهي. چيف جسٽس پاڪستان آئين جي آرٽيڪل 175 اي جي ذيلي شق 3 جي تحت 4 سينئر ججز جا نالا پارلياماني ڪميٽي ڏانهن اماڻيندو ۽ پارلياماني ڪميٽي 3 ججز مان هڪ جج جي مقرري ڪندي.
26هين آئيني ترميم جي منظوري کان پوءِ سينئر ترين جج چيف جسٽس جي لاءِ آٽو ميٽڪ چوائس نه هوندي پر چيف جسٽس جي چونڊ 3 سينئز ججز مان ڪئي ويندي.
نئين ترميم جي تحت چيف جسٽس جي نالي جو فيصلو 12 رڪني پارلياماني ڪميٽي ڪندي. ڪميٽي وزيراعظم کي چيف جسٽس جو نالو اماڻيدي جنهن کان پوءِ وزيراعظم صدر ڏانهن منظوري جي لاءِ نالا اماڻيندو.
26هين آئيني ترميم موجب 3 سينئر ججز مان ڪنهن جج جي انڪار جي صورت ۾ ايندڙ سينئر ترين جج جو نالو غور هيٺ آندو ويندو. جڏهن ته چيف جسٽس پاڪستان جي عهدي جو مدو 3 سال يا رٽائرمينٽ جي عمر 65 سال هوندي.