ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي وچ ۾ تڪرار، سنڌ حڪومت ٻنهي آفيسرن کي عهدن تان هٽائي ڇڏيو

ڪراچي: (سومر: 21 آڪٽوبر 2024ع) ڊي آءِ جي سکر پير محمد شاهه ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي عبدالحفيظ بگٽي وچ ۾ تڪرار زور ٿي ويو، جنهن کان پوءِ سنڌ حڪومت ٻنهي آفيسرن کي عهدن تان هٽائي ڇڏيو.

ٻنهي آفيسرن کي عهدن تان هٽائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي جنهن موجب ڊي آءِ جي سکر جو چارج ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب جي حوالي ڪيو ويو آهي.

جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ايس ايس پي گهوٽڪي جو اضافي چارج ايس ايس پي خيرپور سميع الله جي حوالي ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته پير محمد شاهه عبدالحفيظ بگٽي تي ڌاڙيلن سان رابطي جو الزام لڳايو هو جنهن جي جواب ۾ عبدالحفيظ بگٽي به پير محمد شاهه تي الزام لڳايا هئا، الزامن جي جاچ لاءِ ايڊيشنل آءِ جي عمران يعقوب جي قيادت هيٺ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي.

ايڊيشنل آءِ جي عمران يعقوب جي قيادت هيٺ ٺاهيل ڪميٽي ۾ ڊي آءِ جي عامر فاروقي ۽ ڊي آءِ جي تنوير عالم اوڍو شامل آهن جڏهن ته جاچ ڪميٽي 7 ڏينهن ۾  پنهنجي رپورٽ جمع ڪرائيندي.

Read Previous

چيف جسٽس ۽ پي ٽي آءِ وڪيل حامد خان وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ

Read Next

سنڌو درياءَ بچايو بيداري مارچ ٺٽو پهچي ويو، 6 نوان ڪينال ڪڍڻ وارو عمل سنڌ خلاف سازش آهي: زين شاهه

Most Popular