داد لغاري ۾ عورت سان جنسي ڏاڍائي جي ڪوشش، رڙين تي جوابدار فرار، انصاف جي گهُر

دادلغاري(رپورٽ:اياز احمد پتافي)دادلغاري ويجهو کروهي شر ۾ متاثره عورت حضوران شر الزام هڻندي ٻڌايو ته هوءَ ٻني ۾ گاھ ڪري رهي هئي ته جوابدار قطب شر ساڻس جنسي ڏاڍائي جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي هن مارڪٽ به ڪئي ۽ ڪپڙا به ڦاڙيا.  هن چيو ته يارولنڊ ٿاڻي تي فرياد به ڪئي آهي پر پوليس جوابدار کي گرفتار نه ٿي ڪري، هن ايس ايس پي گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو ته جوابدار قطب شر کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.  هوڏانهن يارولنڊ پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار کي گرفتار ڪري مامري جي جاچ ڪئي ويندي.

Read Previous

سلطانپور ٿاڻي تي غيرقانوني طور حراست ۾ رکيل فيصل آباد واسي نوجوان فوت، پنج اهلڪار لاڪ اپ

Read Next

مورو: چور گهر ۾ داخل ٿي روڪ رقم ۽ سونا زيور چوري ڪري فرار

Most Popular