مائڪرو سافٽ ٽيم جي پليٽفارم تان سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن پاران استادن جي تربيت جو پروگرام

ڪروونا وائرس ڪووڊ -19 سڄي دنيا کي لوڏي ڇڏيو. سمورا سسٽم اوچتو بيهجي ويا، هر پاسي هڪ خوف وڇائجي ويو، ائين لڳو ڄڻ در جي ٻاهريان موت نرا کنيو بيٺو هجي، هر فرد پاڻ تائين محدود ٿي ويو . اهڙي صورتحال سڄي دنيا جي هلندڙ سڀني نظامن جا منهن موڙي ڇڏيا جنهن ۾ تمام وڏو اثر تعليمي نظام تي پيو جنهن جا مزاج ۽ ماپا ئي مٽجي ويا، ٻارن ۽ استادن حڪومتي حڪم تحت پاڻ کي اسڪولن کان پري ڪري ڇڏيو ڇو ته وائرس جي انتهائي خوفائتي صورتحال نفسياتي طرح هر فرد کي مفلوج بڻائي ڇڏيو. اُن سموري ڀڃ ڊاهه ۾ تعليمي نظام تمام گهڻو متاثر ٿيو جنهن جي ڪري مجبور ٿي پاڪستاني معاشري ۾ تعليمي ماهرن کي تعليم جو سلسلو آن لائين هلائڻ جي لاءِ هٿ پير هڻڻو پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ماهرن آن لائين تدريس واري آپشن ڏانهن ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو ۽ پڻ ان تي وڏي تيزي سان عمل ڪرڻ لاءِ تحرڪ ۾ آيا. اهڙي صورتحال کي سامهون رکندي سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن، حڪومتِ سنڌ نه فقط ٻارن جي لاءِ آن لائين ڪلاسز شروع ڪيا پر ان کان پهريان فائونڊيشن پنهنجي اسڪول جي استادن جي لاءِ آن لائين ڪلاسز جي حوالي سان تربيت پڻ ڪرائڻ جو بندوبست ڪيو، اُها سکيا مائڪرو سافٽ ٽيم ۽ آفيس سافٽ ويئر 365 جي ڊجيٽل پليٽ فارم ذريعي ڪرائي وئي. هن وبائي صورتحال کان اڳ ئي فائونڊيشن پاران مائڪرو سافٽ جي سهڪار سان استادن ۽ شاگردن جي لاءِ ڊجيٽل ڪلاس روم جي تربيتون شروع ڪيون ويون هيون، پر اُنهن جو گهڻو فائدو لاڪڊائون جي ڏهاڙن ۾ استادن ۽ شاگردن ورتو.
شروعاتي مارچ 2020 جي ڏهاڙن ۾ مائڪرو سافٽ ايڪسپرٽ ٽيم پاران، مائڪرو سافٽ ٽيم ۽ 365 سافٽ ويئرسالوشن بابت ايس اِي ايف جي ماسٽر ٽرينرز کي تربيتن جو سلسلو شروع ڪيو ويو هو. انهيءَ سلسلي کي اڳتي وڌائيندي فائونڊيشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جناب عبدالڪبير قاضي پاران جاري ڪيل حڪم تحت ايس اِي ايف جي اسڪول پارٽنرز، اسڪول هيڊ ٽيچرز ۽ سبجيڪٽ ٽيچرز کي به انهن تربيتن ۾ شامل ڪيو ويو. پهرين قدم تحت استادن کي تربيت ڏني وئي ته هو ڪهڙي طريقي سان ٽيڪنالوجي جو استعمال ڪندي تدريس جو سلسلو جاري رکندا. استادن کي تربيت ۽ سکيا ۾ سيکاريو ويو ته هو ڪهڙي ريت مائڪرو سافٽ ٽيم ۽ آفيس 365 سافٽ ويئر سالوشن کي استعمال ڪن ڪهڙي طرح شاگردن لاءِ ڪلاس روم جي لاءِ ٽيم تيار ڪن. هن بنيادي ويهڪن ڪرائڻ جو مقصد هو ته استاد مائڪرو سافٽ ٽيم ۽ ان جي اپليڪيشن کي سمجهي سگهن ان سان گڏ استاد اهو به اُنهن سيشن ۾ سکيا ته اُهي مختلف اپليڪيشن جو استعمال ڪندي پرزينٽيشن ۽ وڊيو تيار ڪري آن لائين ڪلاس ڪيئن هلائين.

فائونڊيشن جي تربيت ڏيڻ واري ٽيم اُنهن تربيتن کي ٻن حصن ۾ ورهايو جنهن جي پهرين سيشن ۾ پرائمري جي استادن کي ECCE National Curriculum ۽ ان جي معيارجي ڪم جي طريقيڪار سان گڏ ٻارن جي نفسيات، ايجوڪيشن فلاسافي، ٻارن جي سکڻ جي صلاحيت ۽ ٻيو گهڻوڪجهه ان سان گڏ ٽيڪنالوجيڪل ايڊ کان واقفيت ڪرائڻ وارا اهم مقصد شامل هيا. تربيت جي ٻئي حصي ۾سبجيٽ ٽيچرز کي انگريزي، سائنس، رياضي ۽ سماجي اڀياس جي مضمونن ۾ سکيا ڏني وئي ته هو ڪهڙي طرح آن لائين پريزينٽيشن ۽ ڪلاس روم جو بندوبست ڪندا. هن لاڪ ڊائون جي پوري عرصي ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن 10،000 هيڊ ٽيچرز/ سبجيڪٽ ٽيچرز کي ڪاميابي سان تربيتون مهيا ڪري چڪو آهي.
فائونڊيشن جي آن لائين تربيتن جو مقصد استادن کي پيڊاگوجيڪل ڪانسيپٽ ۽ ڪلاس هلائڻ جي جديد طريقن ۽ مضمونن جن ۾ انگريزي، رياضي، سائنس ۽ سماجي اڀياس جي بنيادي تصورن کان واقفيت ڪرائڻ هو. تربيتن جي پڄاڻيءَ تي استاد پيشيوراڻي انداز ۾ ان قابل ضرور بڻجي ويا آهن جو هو سبقن جي منصوبا بندي، اثرائتي سبق جي منصوبابندي ۽ ٻارن کي انهن جي سطح جي لحاظ کان سمجهائڻ واري صلاحتين کان مڪمل طرح واقف ٿي ويا. فائونڊيشن جي ٽريننگ اينڊ اسيسمينٽ سان گڏ آئي ٽي ڊپارٽمينٽ جي اڻ ٿڪ ڪاوشن جو نتيجو آهن جو اهي تربيتي سيشن اُنهن جي ڪاوشن کانسواءِ هڪ بهتر منصوبي تحت ٿيڻ ممڪن نه هو. آئي ٽي ڊپارٽمينٽ 12500 کان وڌيڪ استادن جون آئيڊيز ٺاهيون اهي به تمام ٿوري وقت جي اندر جڏهن ته ٻئي طرف ٽي اينڊ اي ڊپارٽمينٽ ريجن- ڊسٽرڪٽ ٽيمن سان گڏجي 15000 کان مٿي ايس اي ايف اسڪولن جي استادن ۽ شاگردن کي ڏينهن رات جي محنتن سان هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪيو ته جيئن اهي ٻار۽ پڻ استاد تعليم ۽ تدريس جي سلسلي ۾ جُڙي سگهن.
مئنيجنگ ڊائريڪٽر سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن محترم عبدالڪبير قاضي ان حوالي سان تفصيل اوريندي چيو ته اهو تمام ڏکيو ڪم هو ته سڀني استادن کي آئي ٽي سولوشن جهڙوڪ مائڪرو سافٽ ٽيم ۽ 365 آفيس جهڙي پليٽ فارم تي گڏ ڪري اُنهن جي سکيا ڪئي وڃي ۽ کين تربيتون ڏئي تدريس جي سلسلي کي جاري رکيو وڃي. هُن وڌيڪ چيو ته استادن کان آن لائين ڪلاسز ۽ پريزنٽيشنز ڪرائڻ سان گڏ اُنهن جي تربيت ڪرڻ تمام اهم ڪم هيو جيڪو فائونڊيشن جي ٽيم بهتر انداز ۾ سرانجام ڏنو، هاڻي اسان اهو چئي سگهون ٿا ته اسان آن لائين ڪلاسسز سان گڏ استادن جي تربيت ڏيڻ واري مرحلي ۾ سوڀارا ٿيا آهيون ۽ اهو صرف فائونڊيشن وقت تي ڪري ڏيکاريو. هُن وڌيڪ چيو ته فائونڊيشن جي اسڪولن ۾ پڙهندڙ ٻارن کي گهر ويٺي تدريسي مشڪون ڪرائيون ويون ته جيئن ٻار تعيلم سان جڙيل رهن سندن اهو وقت جيڪو لاڪڊائون ۾رهيو ضايع نه ٿئي ۽ اهي هن وبائي بيماري جي خوف واري ماحول مان پڻ نڪرن، هُن چيو ته فائونڊيشن جي ٽيم اهو سڀ ڪجهه بهتر ۽ معياري انداز ۾ ڪري ڏيکاريو. پاڻ وڌيڪ چيائون ته فائونڊيشن معياري تعليم کي اڳتي وڌائڻ ۽ ان سان گڏ استادن/ هيڊ ٽيچزر ۽ پارٽنرز جي پيشيوراڻي صلاحيتن ۾ ترقي وٺرائڻ ۾ يقين رکي ٿي جنهن جو مقصد اهي جديد بنيادن تي سکڻ ۽ سيکارڻ واري ٽيڪنڪس ۽ پيڊاگوجي کي سمجهڻ سمجهائڻ آهي ته جيئن جديد دور جي تقاضائن سان گڏ ٻارن کي دنيا سان جوڙي اڳتي وڌجي.
آن لائين ڪلاسن ۽ استادن جي تربيتن سکڻ واري عرصي دوران فائونڊيشن کي ايس اِي ايف پارٽنرز، ٽيچرز ۽ شاگردن جي والدين پاران کوڙ سارا رايا ۽ اُنهن جو اظهار پڻ حاصل ٿيو جيڪي ڪجهه هن ريت هئا:
” مان شڪرگذار آهيان ايس اِي ايف جي جنهن هن وبائي صورتحال واري عرصي ۾ اسانکي مائڪرو سافٽ ٽيم کي هلائڻ ۽ اُن مان سکڻ جو موقعو فراهم ڪيو، جنهن سان اسانکي هن ڏکئي صورتحال ۾ اميد ڏيکاري وئي. هي تربيتون تمام اسٽيڪ هولڊرز جنهن ۾ شاگر، استاد، هيڊ ماستر ۽ پارٽنر شامل آهن لاءِ هڪ تمام بهترين سکڻ جو موقعو هو، ۽ ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ھن مائڪروسافٽ ويئر جي سالوشن واري چينل ذريعي اسان ورچوئل طريقي سان هڪ ٻئي سان لهه وچڙ ۾ آيا سين ۽ اسان ايس اِي ايف ريجن، ٽريننگ اسٽاف ۽ ٻين اسڪولن جيڪي فائونڊيشن جي ڇٽيءَ هيٺ اچن ٿا کان مسلسل رهنمائي حاصل ڪري رهيا آهيون.“ ڪشور جبين (اسڪول پارٽنر)
منهنجو نالو هما آهي ۽ مان ايس ايم بي ۾ ايجوڪيشن مئنيجر آهيان. مان فائونڊيشن ۽ مائڪرو سافٽ ٽيم جي ٿورائتي آهيان جنهن اهڙي لاڀائتي تربيت متعارف ڪرائي جيڪا تمام گهڻي معلوماتي، تفريحي ۽ ان جا سڀئي سيشن بهترين هيا، هن تربيت نه فقط مونکي پر ايس اِي ايف جي تمام استادن کي تدريسي عمل کي بهتر ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪئي ته گهڻي کان گهڻو سکڻ ۾ اسانجي رهنمائي ٿي پڻ سکڻ ۽ سيکارڻ واري طريقيڪار ۾ بهتري آئي. مان اها اميد ڪيان ٿي ته اسان پنهنجي روزاني واري مشقن ۾ هنن آن لائين ڏنل تربيتن مان جيڪو ڪجهه سکيو ان کي اڳتي وڌائينداسين ۽ پنهنجي روز جي سرگرمين ۾ شامل ڪنداسين.
توڻي جو نه فقط ايس اِي ايف جي پارٽنرز پاران نيون شيون سکڻ ذريعي لطف اندوز ٿيا ۽ سکيا پر انهن سان گڏ هيڊ ٽيچر، اِي سي سي اِي ٽيچر ۽ سبجيڪٽ ٽيچرز به لطف اندوز ٿيا ۽ پنهنجي اسڪلز کي اڃا وڌيڪ بهتر بڻايو ان حوالي سان انهن جا به ڪجهه رايا ۽ اظهار هيٺ ڏجن ٿا جيڪي انهن هن وبا صورتحال واري عرصي ۾ تربيتي سيشنز ذريعي حاصل ڪيا.
” مان هاديه گوهر، ڊان فيلوشپ اسڪول ڪراچي ملير جي پرنسپل آهيان، مان هن آن لائين پليٽ فارم ذريعي سکيا مان لطف اندوز ٿيس جنهن لاءِ مان ايس اِي ايف جي ٽيم کي سارهايان ٿي جو انهن تعليمي صورتحال کي تمام بهترين انداز ۾ هن آن لائين سيشن ذريعي سڀني اسڪول جي استاد ۽ ٻارن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪيو ۽ کين سکيا واري ماحول سان جوڙي رکيو ته جيئن اُهي گهر ۾ ويهي به آن لائين تعليم حاصل ڪن. مان تمام گهڻو متاثر ٿي آهيان خصوصي طور تي تربيت مهيا ڪندڙن مان جيڪي تمام گهڻا تجربي ڪار، متحرڪ بڻائيندڙ هئا، انهن جا ليڪچر تمام گهڻا اثرائتا، انٽريسٽنگ ۽ انٽرايڪٽو هئا. هي منهنجو ذاتي تجربو آهي ۽ مان اهو چونديس ته هن وبائي بيماري ڪووڊ -19 ۾ هي آن لائين ڪورس سڀني شاگردن ۽ استادن لاءِ لاڀائيتو آهي. “
” مان صبا آصف، طيبه فيلوشپ اسڪول ڪراچي جي هيڊ مسٽريس آهيان. منهنجي لاءِ مائڪروسافٽ ٽيم جي آن لائين سيشن جو تجربو تمام گهڻو لاڀائيتو ثابت ٿيو جيڪو تمام تجربيڪار، استادن، متحرڪ ڪندڙ، رهنمائي ڪندڙ ۽ بهترين اسٽاف پاران سهولت سان مهيا ڪيو ويو جنهن ۾ سکڻ جي لاءِ گهڻو ڪجهه شامل هيو جن هن تربيت واري تجربي کي منهنجي لاءِ سکڻ جو حصو بڻايو مان فخر ڪيان ٿي جو مان مائڪرو سافٽ ٽيم جي ميمبر آهيان. مان هن تربيت مان گهڻو ڪجهه سکيو آهي جنهن ۾ ڪيئن آن لائين سيشن کي مرتب ڪيو وڃي، شاگردن کي ڪيئن متحرڪ ڪيو وڃي، ان کانسواءِ بنيادي رياضي جي معلومات، سائنس پيراميٽرس، ڪهڙي طرح رابطي واري صلاحيتن کي وڌايو وڃي وغيره شامل هئا. هن وبائي بيماري دوران ورچوئل ڪلاسز لاءِ هي پليٽ فارم بهترين آهي. مان ايس اي ايف جي ٿورائتي آهيان جون انهن سکڻ جي حوالي سان بهترين پليٽ فارم مهيا ڪيو.“
”سڀ کان پهرين ته مان هن تربيت جو حصو بنجڻ تي فخر محسوس ڪيان ٿو. مان سائنس ٽيچر آهيان، هن تربيت مان ڪجهه سکيو، مون کي کوڙ ساري معلومات حاصل ٿي آهي انهن ويهڪن مان. مان مائڪروسافٽ پليٽ فارم کي ايس اِي ايف ۽ مائڪروسافٽ ٽيم کي اهڙي حيرت انگيز تربيتي تجربي ڪرائڻ لاءِ شڪر گذار آهيان. “ طاهره، اسڪول ٽيچر
ان حوالي سان ڪجهه والدين پڻ پنهنجي دلچسپ راءِ جو اظهار ڪيو؛
ڊان فيلوشپ اسڪول جي ستين درجي جي شاگرد ”ريحان“ جي والد چيو ته مان نه فقط مائڪرو سافٽ پر ايس اِي ايف انتظاميا جو شڪرگزار آهيان جو انهن نه گهڻو عرصو هلندڙ وبا واري صورتحال واري موڪلن کي مفيد انداز ۾ استعمال ڪرايو. شروع ۾ آن لائين سکڻ ڪجهه عجيب لڳو پر ايس اِي ايف ۽ استادن جي ڪاوشن، جذبي، لگن ۽ ازم ڏسي ان کي نتيجي وارو سمجهيوسين ۽ اهو واقعي ائين ئي ثابت ٿيو ان لاءِ مان ٻيهر فائونڊيشن جو ٿورائتو آهيان.
”مان ايمن جو والد آهيان منهنجي ڌي اٺين درجي ۾ پڙهي ٿي. شروعاتي ڏهاڙن ۾ ننڍڙيءَ جي لاءِ آن لائين ڪلاس وٺڻ مشڪل هو پر هاڻي هو بهتر انداز ۾ ڪلاسز وٺي رهي آهي ۽ پنهنجي ڀيڻ ڀائرن کي پنهنجي سکڻ واري تجري کي پڻ ٻڌائي ٿي، هن سموري سلسلي کي متعارف ڪرڻ تي مان فائونڊيشن جو ٿورائتو آهيان.“
شاگردن پڻ نئين آن لائين سکڻ واري حڪمت عملي مان خوش ٿيا پر دلچسپي سان سکڻ واري مرحلي ۾ شامل ٿيا انهن پڻ پنهنجا جذبات اوريا جيڪي هيٺ ڏجن ٿا؛
”مان نوراني گورنمينٽ اسڪول جي اٺين درجي جي شاگردياڻي لائبا آهيان. آن لائين سيشن سبب مان پنهنجي تعليم کي اثرائتي انداز ۾ وقت ۽ توجه ڏيڻ ۾ ڪامياب رهيس جو اهو اسان لاءِ تمام گهڻو فائديمند آهي، سکڻ واري سيشن مان گهڻو لطف اندوز ٿيس جو مونکي سکڻ ۽ پڙهڻ جو موقعو مليو آهي. مون هن وبائي بيماري دوران گهڻيون شيون سکيون جنهن لاءِ مان پنهنجي استادن ۽ ايس اِي ايف جي هن ڪاوشن جي ٿورائتي آهيان.“
”مان ڊان فيلوشپ اسڪول جي شاگرد بلقيس جان محمد آهيان، مون آن لائين ڪلاسن مان گهڻو ڪجهه سکيو، جنهن لاءِ مان ايس اِي ايف ۽ پنهنجي استادن جي ٿورائتي آهيان جن اسانکي اسانجي گهرن ۾ سکڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. مان سکيو آهي ته انٽرنيٽ کي آن لائين اسائنمينٽ لاءِ ڪيئن استعمال ڪجي. مون محسوس ڪيو ته انٽرنيٽ نه صرف ڪارٽون، ڊراما ڏسڻ کان وڌيڪ سکڻ جي حوالي سان ڪارآمد آهي جيڪو اسان لاءِ ته تمام گهڻو فائديمند ثابت ٿيو آهي“
فائونڊيشن جي ان سرگرمين ۾ نه رڳو شاگردن آن لائين سکيا حاصل ڪئي پر ان سان استادن کي پڻ سکڻ جي حوالي سان ڪافي نيون شيون سکڻ لاءِ مليون ۽ مهارتن ۾ اضافي جو موقعو پڻ حاصل ٿيو جنهن سان هو مستقبل ۾ پنهنجي صلاحيتن کي اڃا بهتر ڪرڻ جا منتظر آهن.

Read Previous

خراب ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي تمام گهڻي مايوسي ٿي آهي: محمد رضوان

Read Next

ڀارت ۾ هڪ ئي ڏينهن دوران ڪورونا جا رڪارڊ ستر هزار ڪيس رپورٽ

Most Popular