خراب ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي تمام گهڻي مايوسي ٿي آهي: محمد رضوان

لنڊن: پاڪستاني رانديگر محمد رضوان  چيو آهي ته خراب ڪارڪردگي تي تمام گهڻي مايوسي ٿي آهي. دل روئي رهيو آهي پر ڳوڙها نٿا ڏيکاري سگهون.  رپورٽ موجب پاڪستان ۽ انگلينڊ جي وچ ۾ سائوٿمپٽن ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن جي راند ختم ٿيڻ کان پوءِ وڊيو لنڪ تي صحافين سان ڳالهيون ڪندي وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين کان سوال ڪيو ويو ته خراب ڪارڪردگي تي به رانديگر ڏکايل ڇو نه پيا نظر اچن.؟ جنهن جي جواب ۾ هن چيو ته ڳوڙها ڳاڙڻ جي وڊيو رڪارڊ ڪري موڪلي سگهون ٿا جيئن اوهان کي اسان سان جيڪا ٿي آهي اها صورتحال نظر اچي پر اسان ائين نٿا ڪري سگهون.  محمد رضوان چيو ته ڪرڪيٽ جي شوقينن جيان اسان کي به تمام گهڻو ڏک پهتو آهي ۽ دل ڳوڙها ڳاڙي رهيو آهي پر هڪ اننگز کي کڻي ويهي رهياسين ته ٻئي ميچ ۾ ڪيئن پرفارم ڪنداسين.

Read Previous

ڪامياب زندگي گذارڻ لاءِ صبر ڪرڻ تمام گهڻو ضروري آهي: صاحبه

Read Next

مائڪرو سافٽ ٽيم جي پليٽفارم تان سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن پاران استادن جي تربيت جو پروگرام

Most Popular