ڀارت ۾ هڪ ئي ڏينهن دوران ڪورونا جا رڪارڊ ستر هزار ڪيس رپورٽ

نئين دهلي: ڀارت ۾ ڪورونا جو نئون رڪارڊ بڻجي ويو. جتي هڪ ئي ڏينهن دوران 70 هزار ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري جي رپورٽ موجب ڀارت ۾ ڪورونا جي ڪيسن جو انگ 30 لک کان به وڌي ويو آهي. ڀارت آمريڪا ۽ برازيل کان پوءِ 30 لک ڪروونا ڪيسن وارو ٽيون ملڪ بڻجي ويو آهي.  رپورٽ موجب ڀارت ۾ ڪورونا سبب هينئر تائين 57 هزار جي ويجهو مريض فوت ٿي چڪا آهن.  واضح رهي ته عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب سڄي دنيا ۾ 8 لک 8 هزار 987 ڄڻا حياتيون وڃائي چڪا آهن ۽ 2 ڪروڙ 34 لک هڪ هزار 3 متاثر ٿيا آهن. 

Read Previous

مائڪرو سافٽ ٽيم جي پليٽفارم تان سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن پاران استادن جي تربيت جو پروگرام

Read Next

“ڪراچي ڪميٽي کي سنڌ رد ڪري ٿي“

Most Popular