ڪامياب زندگي گذارڻ لاءِ صبر ڪرڻ تمام گهڻو ضروري آهي: صاحبه

لاهور: (آچر 23 آگسٽ 2020ع) پاڪستاني اداڪاره صاحبه چيو آهي ته منهنجي اوليت منهنجي فيملي ۽ منهنجا ٻار آهن ۽ انهن تي ڪنهن به قسم جو ڪوبه سمجهوتو نٿو ٿي سگهي جڏهن به وقت مليو ته پنهنجي مڙس سان گڏ فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جي خواهش ٿيندي.  صاحبه هڪ انٽرويو ۾ چيو ته ڪامياب شادي شده زندگي گذارڻ جي لاءِ صبر تمام گهڻو ضروري آهي ۽ عورتون هونئن ئي صبر واريون هونديون آهن. مان پنهنجي گهر ۾ خوش آهيان ۽ پرسڪون زندگي گذاري رهي آهيان  جنهن تي مان رب پاڪ جي تمام گهڻي ٿورائتي آهيان.  هن چيو ته گهريلو معاملن سبب فلمن لاءِ وقت ناهي ملي رهيو پر جيڪڏهن ڪڏهن به موقعو مليو ته صرف پنهنجي مڙس سان گڏ ڪم ڪندس.

Read Previous

پاڪستاني ويب سيريز(چڙيلز) جو خاڪو فرانسيسي آرٽسٽ جي خاڪي مان چورايل نڪتو

Read Next

خراب ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي تمام گهڻي مايوسي ٿي آهي: محمد رضوان

Most Popular