مٽياري ۾ ٻن مختلف حادثن ۾ ٻه ڄڻا فوت

مٽياري ۾ ٻن مختلف حادثن ۾ ٻه ڄڻا فوت ڪوچ بس جو ڪلينر هلندي بس مان ڪرڻ سبب ساڳي ڪوچ جي ٽائير هيٺيان اچي چيپاٽجي ويو ٻئي حادثي ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب هيلٿ کاتي جو ملازم فوت..
خبر موجب مٽياري لڳ کيبر وٽ قومي شاهراھ تي پنجاب کان ڪراچي ويندڙ ڪوچ بس جو ڪلينر اوڪاڙا جو رهواسي 25 سالا حمزا علي تيز رفتار بس مان ڪري پيو جنهن مٿان ساڳي ڪوچ جو پويون ٽائر چڙهي ويو جنهن سبب هو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو سندس لاش تعلقي اسپتال مٽياري آندو ويو جتي ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو ٻئي طرف کيبر رورل هيلٿ سينٽر جو ملازم عبدالله کيبر پنهنجي ڊيوٽي سر انجام ڏئي رهيو هو جنهن دوران بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب هو موقعي تي فوت ٿي ويو جنھن جو مڙه مٽياري اسپتال آندو ويو جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو

Read Previous

قاضي احمد ۾ برسات تباهي مچاهي ڇڏي ڪيترن ئي علائقن ۾ ٻوڏ واري صورتحال

Read Next

صوبائي وزير روينيو و رليف مخدوم محبوب الزمان رات دير سان برسات کان پوء رليف جي ڪمن جو جائزو وٺڻ لاء مٽياري پهتو

Most Popular