صوبائي وزير روينيو و رليف مخدوم محبوب الزمان رات دير سان برسات کان پوء رليف جي ڪمن جو جائزو وٺڻ لاء مٽياري پهتو

مٽياري ۾ تازين برساتن جي تباھ ڪارين کان پوء سنڌ حڪومت پاران برساتي ايمرجنسي لاء مٽياري ضلعي لاء مقرر فوڪل پرسن صوبائي وزير روينيو و رليف مخدوم محبوب الزمان رات دير سان برسات کان پوء رليف جي ڪمن جو جائزو وٺڻ لاء مٽياري پهتو دوري دوران صوبائي وزير مٽياري جي تعلقه اسپتال پهچي برساتي پاڻي جي نيڪالي جو جائزو ورتو صوبائي وزير جي دوري دوران ڊپٽي ڪمشنر مٽياري غلام حيدر چانڊيو ، ايس ايس پي مٽياري آصف ٻگهيو ، اسسٽنٽ ڪمشنر مٽياري عبدالڪريم سنگراسي پڻ ساڻس گڏ هئا دوري دوران چيئرمين ٽائون ڪميٽي مٽياري سيد سڪندر شاھ صوبائي وزير کي شهر مان برساتي پاڻي جي نيڪالي بابت بريف ڪيو صوبائي وزير جي مٽياري دوري دوران غير حاضر رهندڙ مختيارڪار مٽياري کي صوبائي وزير فوري معطل ڪرڻ جا احڪامات جاري ڪيا دوري دوران صوبائي وزير ٽائون انتظاميه ، پبلڪ هيلٿ ، انجنيئرنگ ۽ روينيو آفيسرن کان سخت پڇاڻو ڪيو ۽ کين جلد کان جلد شهر مان پاڻي نيڪال ڪري شهرين کي رليف فراهم ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون ان دوران صوبائي وزير روينيو و رليف مخدوم محبوب الزمان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته موسميات کاتي پاران وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي بعد اسان کي غير معمولي انتظامات ڪرڻا آهن سمورا لاڳاپيل ادارا ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاء تيار رهن هن چيو ته سنڌ حڪومت برساتن جي تازي صورتحال بعد صوبي ۾ رين ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي ۽ برساتن دوران عوام کي ترت رليف ڏيڻ لاء پوري انتظامي مشينري کي الرٽ رکيو ويو آهي .

Read Previous

مٽياري ۾ ٻن مختلف حادثن ۾ ٻه ڄڻا فوت

Read Next

وڌيڪ برساتن جو انديشو آهي انهي کان بچڻ لاءِ اسان اڳواٽ اتنظام ڪري رهيا آهيون:وڏو وزير

Most Popular