وڌيڪ برساتن جو انديشو آهي انهي کان بچڻ لاءِ اسان اڳواٽ اتنظام ڪري رهيا آهيون:وڏو وزير

بدين(ڊر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه چيو آهي ته ڪراچي ۾ هن سال برساتن جو سئو سال جو رڪارڊ ٽٽي ويو آهي پوري سنڌ ۾ اڳ جي ڀيٽ ۾ هينئر وڌيڪ برساتون پيو آهن ان باوجود صوبي ۾ ڪنهن به سم نالي يا واهه کي گهارو لڳڻ جي ڪا شڪايت نه ملي آهي بدين ۾ دوري دوران صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي وڏير وزير وڌيڪ چيو ته سم نالن ۽ واهن کي گهارا نه لڳڻ مان ظاهر آهي ته بندن جي ڪم ۾ پهرين کان ڪجھ بهتري آئي آهي پر اسان اڃان وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون جنهن لاءِ مون ايريگيشن ۽ ڊرينيج کاتي جي عملدارن کي سخت هدايتون ڪيون آهن ته جتي به بند ڪمزور آهن انهن کي جلد کان جلد مضبوط ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته اڃان هن کان وڌيڪ برساتن جو انديشو آهي انهي کان بچڻ لاءِ اسان اڳواٽ اتنظام ڪري رهيا آهيون ان کان پهرين وڏي وزير گولاڙچي ۾ ڦليلي گوني سم نالي جو دورو ڪيو ان موقعي تي هن ڊرينج کاتي جي عملدارن کي سخت هدايتون ڏيندي چيو ته جتي به سم نالي جا بند ڪمزور آهن انهن کي مضبوط ڪيو وڃي ۽ هيوي مشينري جو پڻ بندوبست ڪيو وڃي ان موقعي تي صوبائي وزير ايريگيشن سهيل انور سيال صوبائي وزير ايڪسائيز مڪيش چاولا ايم اين اي مير غلام علي ايم پي اي تاج محمد ملاح ايريا واٽر بورڊ جو چيئرمين قبول محمد کٽيان حاجي رمضان چانڊيو پارٽي اڳواڻ پڻ گڏ هئا

Read Previous

صوبائي وزير روينيو و رليف مخدوم محبوب الزمان رات دير سان برسات کان پوء رليف جي ڪمن جو جائزو وٺڻ لاء مٽياري پهتو

Read Next

شايد وزيراعظم پاڻ اهو بل ناهي پڙهيو، جيڪڏهن پڙهي ها ته حمايت نه ڪري ها:رضا رباني

Most Popular