شايد وزيراعظم پاڻ اهو بل ناهي پڙهيو، جيڪڏهن پڙهي ها ته حمايت نه ڪري ها:رضا رباني

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ سينيٽر رضا رباني ايف اي ٽي ايف بل جي حوالي سان اپوزيشن تي تنقيد جي جواب ۾ چيو آهي ته شايد وزيراعظم پاڻ اهو بل ناهي پڙهيو، جيڪڏهن پڙهي ها ته ان جي حمايت نه ڪري ها، ڇو ته بل ۾ سڄي قوم کي مخبر بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ سينيٽ اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي رضا رباني چيو ته ايف اي ٽي ايف بل ۾ ڪاروباري ماڻهن کي واهپيدارن بابت ڄاڻ نه ڏيڻ تي سزا ڏيڻ جي سزا ڏني وئي، جنهن جي نتيجي ۾ مخبري جي رياست جنم وٺندي.سندس موجب بل ۾ اهو چيو ويو ته جاچ آفيسر بنا عدالتي اجازت جي گرفتاري ڪري سگهي ٿو، بل تحت ٺاهي ويندڙ ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي ميمبرن مان ٻن جو واسطو آرمي سان هوندو، جڏهن ته جنرل ڪميٽي ميمبرن ۾ نيب چيئرمين ۽ آرمڊ فورسز جي ٻن ميمبرن کي شامل ڪيو ويو آهي.واضح رهي ته وزيراعظم عمران خان اپوزيشن تي پاڪستان کي ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان ڪڍڻ جي حڪومتي ڪوششن ۾ رنڊڪون وجهڻ جو الزام هنيو هو.

Read Previous

وڌيڪ برساتن جو انديشو آهي انهي کان بچڻ لاءِ اسان اڳواٽ اتنظام ڪري رهيا آهيون:وڏو وزير

Read Next

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وزيراعظم جي صلاحڪار شهزاد اڪبر کي عهدي تان هٽائڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي

Most Popular