اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وزيراعظم جي صلاحڪار شهزاد اڪبر کي عهدي تان هٽائڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وزيراعظم جي صلاحڪار شهزاد اڪبر کي عهدي تان هٽائڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.عدالت شهزاد شهزاد اڪبر خلاف داخل درخواست آبزرويشنز سان اڪلائي ڇڏي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله 9 صفحن تي ٻڌل فيصلو جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اهڙو ڪو رڪارڊ پيش نه ڪيو ويو، جيڪو شهزاد اڪبر جي نيب ۾ مداخلت ثابت ڪري.تحريري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته آئين صدر کي وزيراعظم جي ايڊوائس تي وڌ کان وڌ 5 صلاحڪار مقرر ڪرڻ جو اختيار ڏئي ٿو، وزيراعظم جو اختيار آهي ته هو پنهنجي لاءِ ڪنهن کي به صلاحڪار مقرر ڪري، وزيراعظم جي صلاحڪار جي مقرري لاءِ اهميت جو ڪو معيار مقرر ناهي.فيصلي موجب صلاحڪار پارليامينٽ جي ڪارروائي جو حصو بڻجي سگهي ٿو پر ووٽ نٿو ڏئي سگهي، اميد ته شهزاد اڪبر صلاحڪار طور آئين ۽ قانون تحت پنهنجون ذميواريون نڀائيندو.عدالت وڌيڪ چيو آهي ته شهزاد اڪبر جي ايسٽ ريڪوري يونٽ سربراهه طور مقرري جو معاملو هتي نٿو ڏسي سگهجي، ڇو ته ايسٽ ريڪوري يونٽ جو معاملو سپريم ڪورٽ ۾ اٿاريو ويو آهي، ايسٽ ريڪوري يونٽ جي معاملي تي سپريم ڪورٽ جو تفصيلي فيصلو اچڻو آهي.

Read Previous

شايد وزيراعظم پاڻ اهو بل ناهي پڙهيو، جيڪڏهن پڙهي ها ته حمايت نه ڪري ها:رضا رباني

Read Next

يوم عاشور تي مٽياري اندر محرم الحرام دوران عزاداري جو روايتي سلسلو اختتام پذير

Most Popular