يوم عاشور تي مٽياري اندر محرم الحرام دوران عزاداري جو روايتي سلسلو اختتام پذير

سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا، نڪرندڙ جلوسن، قافلن ۽ مجلسن جي وڊيو رڪارڊنگ پڻ ڪئي وئي مٽياري رپورٽر ()مٽياري اندر محرم الحرام دوران عزاداري جو روايتي سلسلو درگاھ سخي هاشم شاھ تي پهچي اختتام پذیر ٿيو يوم عاشور جي موقعي تي هزارن جي تعداد ۾ عزادار حسين زنجير زني ڪري ڪربلا جي عظيم شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي  ان کان اڳ 10 محرم جي رات مرڪزي امام بارگاهه حسينه سجاديه ۾ ٽانڊن تي ماتم ڪيو ويو، جنهن ۾ نون دولھا تيار ڪري ٽانڊن جو ماتم برپا ڪيو ويو، باهه جي ماتم کان اڳ امام بارگاهه جي گيٽ تي واڪ ٿرو گيٽ نصب ڪري چڪاس ڪرڻ بعد عزادارن کي داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني وئي، ان موقعي تي سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا، نڪرندڙ جلوسن، قافلن ۽ مجلسن جي وڊيو رڪارڊنگ پڻ ڪئي وئي، مٽياري ۾ ڏهين محرم الحرام جي رات مرڪزي امام بارگاهه ۾ ٽانڊن تي ماتم ڪيو ويو، جنهن جي تياري صبح فجر کان ڪئي وئي جنهن ۾ ٻه سوء مڻ کان مٿي ڪاٺيون ساڙي ٽانڊا تيار ڪيا ويا ۽ ٽانڊن جي ماتم جي شروعات نون دولهن کي تيار ڪري يا حسين يا حسين جي بلند صدائون سان ڪئي وئي، ان حوالي سان پوليس پاران سيڪيورٽي انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا جنهن ۾ مرڪزي امام بارگاهه حسينه سجاديه طرف ايندڙ رستن کي سيل ڪري ڪاروبار بند ڪرايا ويا ۽ واڪ ٿرو گيٽ نصب ڪيا ويا جنهن دوران امام بارگاهه ۾ داخل ٿيندڙن کي چڪاسڻ بعد داخل ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي هئي، ان موقعي تي ڪيترائي عزادار زخمي پڻ ٿيا جن کي تعلقي اسپتال مٽياري منتقل ڪيو ويو جتي کين طبي امداد ڏئي گهرن ڏانهن روانو ڪيو ويو. ان حوالي سان ايس ايس پي مٽياري آصف احمد ٻگھيو جي جو چوڻ هو ته ضلعي ۾ 16 قافلن کي انتهائي حساس قرار ڏنو ويو آهي جڏهن ته ضلعي ۾ 23 امام بارگاهن کي حساس قرار ڏنو ويو آهي هن چيو ته ضلعي ۾ نائين ۽ ڏهين جي ڏينهن نڪرندڙ سمورن جلوسن، قافلن ۽ برپا ٿيندڙ مجلسن جي سيڪيورٽي لاءِ 2080 پوليس جوان مقرر ڪيا ويا آهن، ان سان گڏ رينجرس به کي طلب ڪيو ويو آهي. هوڏانهن 10 محرم الحرام وارو روايتي ماتمي جلوس مسجد زين العابدين کان برآمد ڪيو ويو جيڪو مختلف روٽن کان ٿيندو استو علي محمد جي پڙ، مڱڻهارن جي پڙ، آمون بيبي واري پڙ کان ٿيندو درگاھ سخي هاشم شاھ جي درگاھ تي پهتو جتي هزارن جي تعداد ۾ عزادار حسين زنجير زني ڪئي ان موقعي تي ڪيترائي عزادار زخمي پڻ ٿيا جن کي تعلقي اسپتال مٽياري منتقل ڪيو ويو جنھن بعد ماتمي جلوس درگاھ سخي هاشم شاھ تي اختتام پذیر ٿيو جتي ڪربلا جي شهيدن کي سرخ سلام پيش ڪيو ويو جنهن بعد عالم اسلام جي ڀلائي لاءِ اجتماعي دعا پڻ گهري وئي

Read Previous

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وزيراعظم جي صلاحڪار شهزاد اڪبر کي عهدي تان هٽائڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي

Read Next

عاشوري جي ڏينھن تي تعلقه چمبڙ جي مرڪزي امام بارگاھ انجمن حيدري تان مجلس عزا بعد ماتمي جلوس

Most Popular