عاشوري جي ڏينھن تي تعلقه چمبڙ جي مرڪزي امام بارگاھ انجمن حيدري تان مجلس عزا بعد ماتمي جلوس

ٽنڊوالهيار(رپورٽ ايم آصف قائمي) حضرت امام حسين جي عظيم قرباني کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاء عاشوري جي ڏينھن 10 محرم الحرام تي ٽنڊوالهيار جي تعلقه چمبڙ جي مرڪزي امام بارگاھ انجمن حيدري تان مجلس عزا بعد ذوالجناح سان گڏ تازين جھولن سيجن پينگھن ۽ علم پاڪ جو ھڪ وڏو تاريخي ماتمي جلوس انجمن حيدري جي انچارج سائين عبدالغفور شاه جي اڳواڻي ۾ برآمد ڪيو ويو مجلس عزا کي علامه خطاب ڪيو جڏھن ته مرڪزي امام بارگاھ مان برآمد ٿيل ماتمي جلوس ۾ چمبڙ شھر ۽ آس پاس جي ڳوٺن جون انجمنون پڻ ماتمي جلوسن جي صورت ۾ اچي شرڪت ڪيون ماتمي جلوس ۾ مومنن ۽ مومنياڻين ھزارن جي تعداد ۾ شرڪت ڪئي جڏھن ته ماتمي قافلو ياحسين جي صدائون سان امام بارگاه سنجر چانگ روڊ تي آندو ويو جتي سوين عزادارن زنجيرن ۽ ڇرين سان ماتم ڪيو جڏھن ته چمبڙ جي احاطي ۾ راڳي فقيرن سر ڪيڏارو پڻ پيش ڪيو جڏھن ته بعد ۾ ماتمي قافلو سنجر چانگ روڊ کان چمبڙ شھر جي شاھي بازار کان شھر جي مين روڊ ۽ ٿاڻي جي مين گيٽ چوڪ تي آندو ويو جتي علامه مجلس ڪئي ان بعد عزادارن چمبڙ جي مين ٽنڊو غلام علي روڊ تي پڻ زنجيرن ۽ ڇرين سان ماتم ڪيو ويو جتي شهر جي مومنن پاران ھزارين مومنن ۾ سبيلون ۽ نياز تقسيم ڪيو ماتمي قافلو مين روڊ کان گزرندي چمبڙ جي قديمي علم پاڪ سمن آباد پڙ تي آندو ويو جتي ٿوري ساھي بعد پڻ سوين مومن زنجيرن سان عزاداري ڪئي ان موقعي مجلس جو اھتمام پڻ ڪيو ويو ۽ نياز لنگر تقسيم ڪيو ويو ان بعد ساڳي قافلو واپس مين روڊ تي آڻي شام جو واپس مرڪزي امام بارگاھ انجمن حيدري تي آندو ويو جتي نعير ڪيو ويو ۽ بعد ۾ شام غريبان پڙھي وئي شام غريبان پڙھي ھر طرف يا حسين جون صدائون بلند ٿي ويون ھر اک اشڪبار ٿي وئي  بعد ۾ ھزارين مومنن ۾ نياز لنگر تقسيم ڪيو ويو جڏھن ته ماتمي جلوس جي سڪيورٽي جا انتظام پڻ سخت ڪيا ويا ڊي سي ٽنڊوالهيار رشيد احمد زرداري سيڪيورٽي حوالي انتظامات جو جائزو ورتو ڊي ايس پي چمبڙ لياقت ٽالپور ايس ايچ او چمبڙ امتياز ڊومڪي جي اڳواڻي ۾ ايس آئي پي اميد علي لاکو ۽ سوين پوليس اھلڪار مقرر ڪيا ويا پوليس اهلڪارن امن امان قائم رکڻ لاء پنھنجو فرض ادا ڪيو جڏھن ته ايس ايس پي ٽنڊوالهيار رخسار احمد کاوڙ چمبڙ پھچي سڪيورٽي انتظامن جو مائنو ڪيو جڏھن ته ايس ايس پي طرفان چمبڙ ۾ ماتمي جلوس ۾ آيلن لاء ھٿ واش ڪرڻ واري ڪئمپ پڻ لڳائي وئي جڏھن ته سڄو ڏينھن ماتمي جلوس دوران سبيلون ۽ نياز لنگر پڻ  ھلندو رھيون .جڏھن ته صحت کاتي طرفان ايمبولينس پڻ ماتمي جلوس سان گڏ ھئي ٻي پاسي ٽائون ڪميٽي چمبڙ طرفان ماتمي جلوسن جي روٽن جي صفائي جو انتظام پڻ ڪيو ويو ھو

Read Previous

يوم عاشور تي مٽياري اندر محرم الحرام دوران عزاداري جو روايتي سلسلو اختتام پذير

Read Next

ھاڻي وزير اعظم کي خبر پئجي وئي ته برساتون گھڻيون ٿينديون ته پاڻي به گھڻو ايندو: قمر زمان ڪائره

Most Popular