ھاڻي وزير اعظم کي خبر پئجي وئي ته برساتون گھڻيون ٿينديون ته پاڻي به گھڻو ايندو: قمر زمان ڪائره

سکر ۾ پي پي اڳواڻ قمر زمان ڪائره پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته  خورشيد شاھ کي ھڪ سال اچي ٿيو آھي پر ضمانت نٿي ٿئي خورشيد شاھ کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي اعلي عدليا کي ڏسڻ گهرجي ته نيب ھٿان سياستدانن جون  زيادتيون ڪرايون پيون وڃن قمر زمان ڪائره چيو ته حڪومت مسلسل ڪوڙ ڳالھائي حقيقتن کي ٽوڙي موڙي پيش ڪري رھي آھي حڪومت نيب کي استعمال ڪري رھي آھي ھن چيو ته موجودا حڪومت خالي آھي آئين لڳ رھيو آھي ته حڪومت ھلائڻ جو  جذبو نه خواھش اٿن  سمجھ ۾ نٿو اچي ته  ملڪ کي ڪيئن ھلائڻو آھي ھن چيو ته حڪومت کي ھاڻي گھر وڄڻو پوندو پاڪستان ۽ عمران خان گڏ نٿا ھلي سگھن  ملڪ ھن وقت قدرتي آفتن جو شڪار آھي  ملڪ ۾ برساتن سبب وڏو نقصان ٿيو آهي وزير اعظم بلاول جي تقرير تي تنز ڪيو ھاڻي  ان کي خبر پئجي وئي ته برساتون گھڻيون ٿينديون ته پاڻي به گھڻو ايندوڪراچي جون برسات کان پوء ھاڻي حالتون بھتري طرف وڄي رھيون آھن ايف اي ٽي ايف جي معاملي تي وزيراعظم وزيرن جو رويو ناقابل برداشت آهي.جيڪي فھرست جاري ٿي ان ۾ سياسي تنظيمن جا ن  بلڪي نان اسٽيٽ فيڪٽر آھن قومي اسيمبليءَ ۾ اپوزيشن جي ڳالهه ٻڌڻ بنا سينٽ ۾ بل موڪليو ويو 9مان 7 جي ترميم ٿي پاس ڪيا ويا ھن چيو ته اسان عدالتن ۾ ڪيس وڙھڻ ڄاڻون ٿا آزاد عدليا  جمھوريت لاء ضروري آھن حڪومت ڪارڪردگي ڏيکاري ماضي جون ڳالھيون نه ڪيون وڄن

Read Previous

عاشوري جي ڏينھن تي تعلقه چمبڙ جي مرڪزي امام بارگاھ انجمن حيدري تان مجلس عزا بعد ماتمي جلوس

Read Next

پنو عاقل ۾ ڀاء کي مارڻ جي ڪوشش واري عمل خلاف محمد لقمان قاضي گهر ڀاتين سان گڏ احتجاج

Most Popular