امام حسينؓ ڪربلا ۾ دين اسلام تان سڀ ڪجھ قربان ڪري ڇڏيو ۽ناني نبي جي دين کي بچايو: راشد سومرو

سکر۾عظيم الشان شھداءاسلام ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ جي يوآ۽ سنڌ جي سيڪريٽري جنرل علامه راشدمحمود سومرو شھدا ۽اسلام ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته حضرت امام حسينؓ ڪربلا ۾ پنھنجا ٻچا ٻار ڪھائي دين اسلام تان سڀ ڪجھ قربان ڪري ڇڏيو ۽ناني نبي جي دين کي بچايو،امام عالي مقام حضرت امام حسينؓ جورستواسان جي لا۽مشعل راھ آھي۽حسينت حق سچ ۽ باطل سان ٽڪر کائڻ جو نالو آهي امام حسين ؓڪربلا جي ميدان ۾ساٿين سميت نماز ۽ صبر جي دامن کي نه ڇڏيو اسان کي به گھرجي ته اسين سندن جي ڏسيل واٽ تي عمل ڪريون ۽ يزيدي ڪردار سان وڙهندي وڙهندي اسين به شھادت جو جام نوش ڪريون ھن چيوته محرم الحرام جو مقدس مھينو اسان کي پيار محبت اخوت جو سبق سيکاري ٿو،ھن چيوته اسان باھ لڳائڻ وارا نه بلڪ باھ وسائڻ وارا آھيون ملڪ ۾ فرقيواريت جي خلاف آھيون پرعاشورن جي ڏھاڙن۾ اسلام آباد ۽ ڪلھ ڪراچي۾ ھڪڙن  بدبختن عناصرن  صحابه جي شان۾ گستاخي ڪئي آھي جنھن جي مذمت ڪيون ٿا۽صحابينؓ سڳورن جي شاڻ۾ گستاخي ڪندڙن  عنصرن مٿان جلدايف آ۽آر داخل ڪئي وڃي ۽ان بدڪردارن  کي فلفور گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي ھن چيوته اسان سڀ ڪجھ براشت ڪري سگھون ٿاپرپاڪ ھستن۽ صحابين  جي شان۾ گستاخي برداشت نٿاڪري سگھون ھڪ سازش تحت ملڪ ۾شيعاسني فسادڪرائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي ان سازش کي ھرگز ڪامياب ڪرڻ نه ڏينداسين ،ھن اھڙن خيالن جواظھار سکر۾ شھدا۽ اسلام ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو، ان موقعي تي جي يوآ۽ سنڌ جي اڳواڻ شيخ الحديث مفتي سعودافضل ھاليجوي جي يوآ۽ سٽي سکر جي پريس،ترجمان مفتي اعظم مھر سميت ٻيااڳواڻ شريڪ ھئا، جي يوآ۽ سنڌ جي سيڪريٽري جنرل علامه راشدمحمودسومرو وڌيڪ خطاب ڪندي چيوته سنڌباب السلام آھي ۽ باب الااسلام رھندي  سنڌکي ٽوڙڻ جي ڳالھ ڪندڙ احمقن جي جنت۾ رھن ٿاھووطن۽ سنڌ جافروش آھن ڪراچي سنڌجي دل آھي ۽شھ رڳ آھي تنھن جي لا۽ ڪسجي سگھون ٿاپاسنڌتي واربرداشت نه ڪنداسين سنڌتي حملو ڪندڙ نانگن کي پ پ ۽ پي ٽي آ۽ وارن کيرپياريو جنھن جي ڪري سنڌجي تقسيم جي ڳالھ ڪرين ٿا، پنھنجي شھيد والد ڊاڪٽر خالدمحمود سومرو وانگر سنڌ ڌرتي جو تحفظ ڪندس ڀلي جان ھلي وڃي  ڪا پرواھ ناھي ڪانفرنس جي  آخر ۾ ملڪ جي سلامتي ۽ بقا لاء خصوصي دعا پڻ گھري ويئي

Read Previous

پنو عاقل ۾ ڀاء کي مارڻ جي ڪوشش واري عمل خلاف محمد لقمان قاضي گهر ڀاتين سان گڏ احتجاج

Read Next

سکر۾ ڪربلا جا منظرڪيترائي علائقا 8 ڏينھن کان پاڻيء ڦڙي کان محروم

Most Popular