پنو عاقل ۾ ڀاء کي مارڻ جي ڪوشش واري عمل خلاف محمد لقمان قاضي گهر ڀاتين سان گڏ احتجاج

پنو عاقل ۾ ڀاء کي سنڱ ڏيڻ کان انڪار تي مبينا زهر ڏئي مارڻ جي ڪوشش واري عمل  خلاف پنو عاقل جي رهواسي محمد لقمان قاضي گهر ڀاتين سان گڏ سکر پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي الزام هنيو آھي ته سندس ڀاء پهلوان قاضي منهنجي نياڻي ايمان قاضي جو سنڱ گهريو هو انڪار تي ٽي ڏينهن اڳ پهلوان قاضي پنهنجي گهر واري ۽ پٽ سان ملي ڪري کيس زهر ڏيئي مارڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر هو بچي ويو هن ٻڌايو ته سلطان پور ٿاڻي تي واقعي جي رپورٽ داخل ڪرائڻ باوجود پوليس جوابدارن خلاف ڪابه ڪاروائي ناهي ڪئي جنهن سبب جوابدار ڌمڪائي پيو هن اعليٰ اختيارن کان جوابدار خلاف ڪاروائي ڪرڻ ۽ تحفظ ڏيڻ جي گهر ڪئي آھي

Read Previous

ھاڻي وزير اعظم کي خبر پئجي وئي ته برساتون گھڻيون ٿينديون ته پاڻي به گھڻو ايندو: قمر زمان ڪائره

Read Next

امام حسينؓ ڪربلا ۾ دين اسلام تان سڀ ڪجھ قربان ڪري ڇڏيو ۽ناني نبي جي دين کي بچايو: راشد سومرو

Most Popular