سکر۾ ڪربلا جا منظرڪيترائي علائقا 8 ڏينھن کان پاڻيء ڦڙي کان محروم

محرم ھوندي سکر۾ ڪربلا جا منظرڪيترائي علائقا 8 ڏينھن کان پاڻيء ڦڙي کان محروم ـ سنڌو دريا ۾ ننڍي ٻوڏ ھجڻ باوجود لکين ئي سکر واسي پاڻيء لاء پريشان ـ تفصيلي خبر موجب محرم جي  مھيني ۾ به  سکر جا لکين ئي شھر واسي پاڻي ڦڙي ڦڙي لاء مجبور آھن ـ عورتون ٻارڙا پڪا پوڙھا ۽ جوان پاڻيء لاء پريشان آھن ـ ھتان جي مختلف علائقن باغ حيات عليشاھ واري تڙ گوپانگ محلو غريب آباد پاڪ ڪالوني ڪڙي ڪوارٽرز جيل ڪالوني پراڻو سکر ۽ ٻين ڪيترن ئي پاڙن جي رھواسين جون دانھون آھن ته  محرم جي ڪربلا برپا ڪندي وس وارا پاڻي فراھم نٿاڪن ـ جڏھن ته  سکر سنڌو دريا جي ڪپ تي آباد شھرآھي ۽ اڄ ڪالھ سنڌوء ۾ ننڍي ٻوڏ به  ڊڪلئير ڪئي وئي آھي ۽ پاڻيء جي مقدار ۾ اڃان اضافو جاري آھي پر سکر واسي پاڻيء کي حاصل ڪرڻ لاء پري پري جا پنڌ  ڪرڻ تي مجبور آھن ـ رھواسين جي مسلسل 8 ڏينھنن جي احتجاج باوجود وس وارا پاڻيء جي فراھمي ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪا آھن ـ انھن احتجاجن تي ڪامورن جي اک ئي نٿي ٻڏي ڇاڪاڻ ته  سندن وڏن وڏن بنگلن ۾ پاڻي وافر مقدار ھر وقت موجود رھي ٿو انھن وٽ  پاڻيء جي فراھمي جا جديد پلانٽ لڳل آھن پر ان باوجود اتان به غريبن کي پاڻي نه ٿو ملي

Read Previous

امام حسينؓ ڪربلا ۾ دين اسلام تان سڀ ڪجھ قربان ڪري ڇڏيو ۽ناني نبي جي دين کي بچايو: راشد سومرو

Read Next

گهريلو اڻبڻت سبب مايوس ,نوجوان شير علي لغاري پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري انت آڻي ڇڏيو

Most Popular