محرم ھوندي سکر۾ ڪربلا جا منظرڪيترائي علائقا 8 ڏينھن کان پاڻيء ڦڙي کان محروم ـ سنڌو دريا ۾ ننڍي ٻوڏ ھجڻ باوجود لکين ئي سکر واسي پاڻيء لاء پريشان ـ تفصيلي خبر موجب محرم جي مھيني ۾ به سکر جا لکين ئي شھر واسي پاڻي ڦڙي ڦڙي لاء مجبور آھن ـ عورتون ٻارڙا پڪا پوڙھا ۽ جوان پاڻيء لاء پريشان آھن ـ ھتان جي مختلف علائقن باغ حيات عليشاھ واري تڙ گوپانگ محلو غريب آباد پاڪ ڪالوني ڪڙي ڪوارٽرز جيل ڪالوني پراڻو سکر ۽ ٻين ڪيترن ئي پاڙن جي رھواسين جون دانھون آھن ته محرم جي ڪربلا برپا ڪندي وس وارا پاڻي فراھم نٿاڪن ـ جڏھن ته سکر سنڌو دريا جي ڪپ تي آباد شھرآھي ۽ اڄ ڪالھ سنڌوء ۾ ننڍي ٻوڏ به ڊڪلئير ڪئي وئي آھي ۽ پاڻيء جي مقدار ۾ اڃان اضافو جاري آھي پر سکر واسي پاڻيء کي حاصل ڪرڻ لاء پري پري جا پنڌ ڪرڻ تي مجبور آھن ـ رھواسين جي مسلسل 8 ڏينھنن جي احتجاج باوجود وس وارا پاڻيء جي فراھمي ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪا آھن ـ انھن احتجاجن تي ڪامورن جي اک ئي نٿي ٻڏي ڇاڪاڻ ته سندن وڏن وڏن بنگلن ۾ پاڻي وافر مقدار ھر وقت موجود رھي ٿو انھن وٽ پاڻيء جي فراھمي جا جديد پلانٽ لڳل آھن پر ان باوجود اتان به غريبن کي پاڻي نه ٿو ملي