گهريلو اڻبڻت سبب مايوس ,نوجوان شير علي لغاري پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري انت آڻي ڇڏيو

دادو(ڊر) 10 محرم الحرام تي دادو شهر جي مزدورآباد محلي جي رهواسي نوجوان شير علي لغاري پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري انت آڻي ڇڏيو، نوجوان پهرين محرم الحرام تي دبئي کان دادو پهتو هو سندس 2 شاديون ٿيل هيون ۽ کيس 2 نياڻين جو اولاد پڻ هو، نوجوان گهريلو اڻبڻت سبب مايوس ٿي آپگهات ڪري ڇڏيو، شير علي لغاري کي زخمي حالت ۾ سول اسپتال دادو آندو ويو جتي سندس حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري کيس نوابشاهه نيو ويو جتي هو زخم جو تاب نه سهندي رستي ۾ فوت ٿي ويو، دادو اي سيڪشن پوليس واقعي جي رپورٽ داخل ڪري خودڪشي جو ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

Read Previous

سکر۾ ڪربلا جا منظرڪيترائي علائقا 8 ڏينھن کان پاڻيء ڦڙي کان محروم

Read Next

ٿرڪول بلاڪ ون تان اسڪريپ جو سامان چوري ڪري وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف

Most Popular