ٿرڪول بلاڪ ون تان اسڪريپ جو سامان چوري ڪري وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف

ٿرڪول بلاڪ ون تان اسڪريپ جو سامان چوري ڪري وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي،اسڪريپ ڪٻاڙ جي سامان جون ٽرڪون ڀري لڪ چوري ۾ وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي،جنهن جا سمورا غيرقانوني ٺيڪا پئيسن ۽ من پسندن حوالي ٿي ويا،ذريعن کان مليل رپورٽن موجب تہ بلاڪ ون تي جيڪي هن وقت تائين ٺيڪا جاري ڪيا .ويا آهن اُهو رشوت عيوض جاري ڪيا ويا آهن،ڄاڻايل بلاڪ تان ڪم بعد بچندڙ قيمتي ڪٻاڙ جو سامان به لڪ چوري ۾ وڪرو ڪيو پيو وڃي،جنهن ۾ اسڪريپ جي ٽامي ۾ جون تارون ۽ باقي سامان شامل آهي،جيڪو بنا ڪنهن ٽينڊر جي لڪ ڇپ ۾ من پسندن کي ڏيئي چوري ڪري وڪرو ڪيو پيو وڃي. ٿرڪول بلاڪ ون وارو منصوبو مڪمل چائينيز حوالي ٿيل ۽ ڪوبہ ٽرانسليٽر مقامي نہ هجڻ ڪري چائينيز مقامي مسئلن کان مڪمل طور بي خبر بڻيل رهجي ويا،منصوبي تي مقامي ماڻهن کي سجاڳي ڏيڻ توڙي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪوبہ سنڌي آفيسر اهم ذميواري تي ناهي رکيو ويو جيڪو مقامي ماڻهن جي مسئلن کي سمجهي سگهن،ميڊيا مئنيجمينٽ لاءِ بہ ماڻهو ناهي رکيو ويو،جنهن سبب ميڊيا وارو کاتو بہ خالي پيل آهي ۽ مسئلن توڙي ٿيندڙ احتجاج بابت صحافي ڪنهن سان بہ رابطو ڪري معلومات وٺڻ کان محروم بڻيل آهن. بلاڪ ون تي صرف انداز پنجاھ مقامي ماڻهو لڳل هجڻ جا اطلاع مليا آهن،جيڪي بہ ڏهاڙي توڙي ڊمپر ڊرائيونگ تي لڳل آهن، جڏهن ته ڪمپني ڳوٺاڻن ويڙهائڻ جو طريقو ڳولي ورتو،بلاڪ جي مختلف چند بااثرن جي نوجوانن کي نوڪرين تي لڳائي ٺيڪا بہ اُنهن حوالي ڪري ڇڏيا،باقي علائقي جا ماڻهو روزگار لاءِ دربدر ٿي ويا آهن،جنهن جو ڪوبہ ڌڻي سائين ناهي

Read Previous

گهريلو اڻبڻت سبب مايوس ,نوجوان شير علي لغاري پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري انت آڻي ڇڏيو

Read Next

وزيراعظم پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ واري سمري رد ڪري ڇڏي

Most Popular