وزيراعظم پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ واري سمري رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد:وزيراعظم عمران خان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ  واري سمري رد ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪراچي ۽ ٻين شهرن ۾ برساتن سبب اڳ ئي شهرين کي پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. موجوده مشڪل حالتن ۾ برساتن جي تباهي ۽ نقصانن سبب پريشان عوام مٿان وڌيڪ وزن نٿا وجهي سگهون. ياد رهي ته گذريل ڏينهن آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي(اوگرا) پيٽروليم شين جي اگهن ۾ هيٺ مٿانهين جي سمري موڪليندي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ 9.71 روپيه ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهن ۾ 9.50 روپيه تائين  واڌ جي سفارش ڪئي هئي.واضح رهي ته ملڪ ۾ نئين قائدن ۽ ضابطن تحت هر 15 ڏينهن ۾ پيٽروليم شين جون نيون قيمتون مقرر  ڪرڻيون هونديون آهن.

Read Previous

ٿرڪول بلاڪ ون تان اسڪريپ جو سامان چوري ڪري وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف

Read Next

دبئي ۽ ابو ظهبي جي ڌماڪن سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ ڪيترائي زخمي

Most Popular