دبئي ۽ ابو ظهبي جي ڌماڪن سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ ڪيترائي زخمي

ابوظهبي: دبئي ۽ ابو ظهبي جي ڌماڪن سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. ابوظهبي ۽ دبئي جي 2 مختلف هوٽلن ۾ ڌماڪا ٿيا. زخمين کي فوري طور تي ويجهين اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو. دبئي ۾ ڌماڪا گيس سلينڊر جا هئا جڏهن ته ابوظهبي ۾ به ڌماڪن کان پوءِ باهه لڳي وئي هئي پر عمارت کي فوري طور تي رهائشين کان خالي ڪرائي وئي. واضح رهي ته متحده عرب امارات ۽ اسرائيل وچ ۾  تاريخي معاهدي کان پوءِ اڄ اسرائيل جي پهرين واپار بابت اڏام ابوظهبي پهچي رهي آهي.13 آگسٽ تي متحده عرب امارات ۽ اسرائيل وچ ۾ تاريخي معاهدو طئي ٿيو هو. جڏهن ته اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو دعويٰ ڪئي آهي ته سفارتي لاڳاپن جي لاءِ وڌيڪ ڪيترين ئي عرب رياستن سان گڏ ڳجهيون ڳالهيون جاري آهن.

Read Previous

وزيراعظم پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ واري سمري رد ڪري ڇڏي

Read Next

پئسا ناهن پر جيڪڏهن هجن ها ته به سنڌ حڪومت کي نه ڏيون ها:شبلي فراز

Most Popular