نئين ميگا اسڪيم ۾ پاڻيءَ جي تڪڙي نيڪال لاءِ نيون لائينيون وڇايون وينديون. صوبائي وزير امتياز احمد شيخ

شڪارپور :  01 سيپٽمبر 2020ع  صوبائي وزير توانائي امتياز احمد شيخ شڪارپور شهر جو دورو ڪيو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور نويدالرحمان لاڙڪ ۽ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون شڪارپور علي رضا انصاري ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئر پڻ گڏ هئا. صوبائي وزير توانائي دوري دوران بيگاري ڪئنال روڊ تي ڊرينيج پائيپ لائين جي نڪرندڙ پاڻيءَ جو سختيءَ سان نوٽيس ورتو ۽ پائيپ لائين کي ڳنڍي ڊرينيج پائيپ لائين کي تلاءُ تائين نيڪال ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي صوبائي وزير توانائي امتياز احمد شيخ چيو ته ڊرينيج جي ميگا پروجيڪٽ جيڪا 53 ڪروڙ جي لاڳت سان ٺهي رهي آهي، شهر اندر 4 نيون پمپنگ اسٽيشنيون جن ۾ بلاول ٽائون شاهي باغ، پٺاڻ ڪالوني، بيد روڊ ۽ نيو اناج منڊيءَ ۾ پمپنگ اسٽيشنيون ٺهرائي رهيا آهيون. هن چيو ته ڪجهه ڏينهن پهريان بارشن سبب لکيدر، هزاريدر، جماڻي هال، ٽيڪسي اسٽينڊ وٽ برساتي پاڻي جو نيڪال دير سان ٿيو، جنهن سبب شهرين کي ڪجهه تڪليف جو منهن ڏسڻو پيو. هن چيو ته ان ڳالهه کي مدنظر رکندي لکيدر کان 24 انچ ڊايا جي نئين رائيزنگ مين ڊرين پائيپ لائين وڇائي رهيا آهيون جنهن سان مذڪوره علائقن مان برساتي توڙي ڊرينيج جو پاڻي تڪڙو نيڪال ٿيندو. هن چيو ته پائيپ لائين وڇائڻ دوران روڊن جي کوٽائي مرحلي وار ڪئي وڃي ۽ ڪم مسلسل جاري رکيو وڃي ته جيئن شهرين کي تڪليف جو منهن ڏسڻو نه پوي. صوبائي وزير توانائي چيو ته پبلڪ هيلٿ کاتي پاران اهي شڪايتون مليون آهن ته ڪجهه ماڻهو ڊرينيج جو پاڻي زرعي زمين جي استعمال لاءِ ڊرينيج پائيپ لائينن کي ٽڪين ٿا ۽ نقصان پهچائين ٿا. جيڪا انتهائي افسوسناڪ ڳالهه آهي. صوبائي وزير ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور نويدالرحمان لاڙڪ کي هدايت ڪئي ته اهڙن ماڻهن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي. صوبائي وزير امتياز احمد شيخ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور کي هدايت ڪئي ته نيوفوجداري پمپنگ اسٽيشن جي توسيع لاءِ پبلڪ هيلٿ کي زمين ڏياري وڃي ته جيئن هن پمپنگ اسٽيشن کي وڌيڪ فعال ڪيو وڃي ۽ هن پمپنگ اسٽيشن تي پبلڪ هيلٿ جي آفيس پڻ قائم ٿئي. صوبائي وزير توانائي ان موقعي تي ڊپٽي  ڪمشنر شڪارپور کي هدايت ڪئي ته انڙ ڪالوني جي پيور بلاڪ روڊ کي هيٺان بيڊ ڏئي ويڪرو ڪيو وڃي ۽ اتي ڊرينيج جي حالت به بهتر ڪئي وڃي. صوبائي وزير ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ اندر غير سياسي ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيا ويندا، جن کان سرڪاري ذميواريون ڀرپور نموني سان ورتيون وينديون. هن چيو ته موجوده بارشن بعد ٿيل نقصان جو جلد ازالو ڪيو ويندو ۽ وزير اعليٰ سنڌ جي اڳواڻيءَ ۾ بحاليءَ جو ڪم شروع ٿيندو.

Read Previous

ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر محمد نواز سوهوڊهورو ندي نوڪوٽ ۽برسات متاثرعلائقن جو دورو

Read Next

فلور ملن ۽ اٽي جي چڪين کي جلد رعايتي اگهن تي ڪڻڪ جاري ڪئي ويندي. صوبائي وزير خوراڪ

Most Popular