ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر محمد نواز سوهوڊهورو ندي نوڪوٽ ۽برسات متاثرعلائقن جو دورو

مٺي:  1 سيپٽمبر 2020ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر محمد نواز سوهوڊهورو ندي نوڪوٽ ۽برسات متاثرعلائقن جو دورو ڪيو انهي موقعي تي ساڻسايم اين اي مهيش ڪمارملاڻي، ايم پي اي فقير شير محمد بلالاڻي، ايم پي اي ارباب لطف الله، اڳوڻو صوبائي وزير دوست محمد راهمون، ايم پي اي قاسم سراج سومرو ۽ تعلقه جهڏو مان چونڊيل ايم پي اي مير طارق خان ٽالپور گڏ هئا.ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر۽ چونڊيل نمائندن ڳوٺ شڪور ۽ توڳاچي سمون ۾ برسات متاثرن سان ملاقات ڪري حال احوال ورتا ۽ راشن بيگ پڻ ورهايا انهي موقعي ته ڊپٽي ڪمشنر ۽ چونڊيل نمائندن چيو ته هن ڏکي وقت ۾ عوام سان گڏ آهيون انهن کي اڪيلو نه ڇڏبو ۽ انهن جي هر ممڪن مدد ڪبي ۽ پاڻي هيٽ آيل ڳوٺن جي پاڻي جو نيڪال ڪري انهن کي ٻيهربحال ڪبو.

Read Previous

اڳوڻو ڀارتي صدر پرناب مکرجي پڻ ڪورونا سبب فوت

Read Next

نئين ميگا اسڪيم ۾ پاڻيءَ جي تڪڙي نيڪال لاءِ نيون لائينيون وڇايون وينديون. صوبائي وزير امتياز احمد شيخ

Most Popular