فلور ملن ۽ اٽي جي چڪين کي جلد رعايتي اگهن تي ڪڻڪ جاري ڪئي ويندي. صوبائي وزير خوراڪ

ڪراچي)01 سيپٽمبر2020(خوراڪ کاتي واري صوبائي وزير ھري رام ڪشوري لال چيو آهي ته خوراڪ کاتي وٽ صوبي جي غذائي ضرورتن لاءِ ڪڻڪ جو مناسب ذخيرو موجود آهي. جلد ئي فلور ملن ۽ اٽي جي چڪين کي رعايتي اگهه تي ڪڻڪ جاري ڪئي ويندي ته جيئن گھريلو ۽ تجارتي صارفين کي اٽو حاصل ڪرڻ ۾ ڪا ڏکيائي پيش نه اچي. هن چيو ته خوراڪ کاتي جي روسٽر تي موجود فلور ملن ۽چڪين کي ڪڻڪ فراهم ڪئي ويندي. ھن وڌيڪ چيو ته سنڌ ڪابينا جلد ئي فلور ملن ۽چڪين لاءِ ڪڻڪ جو سرڪاري اگهه مقرر ڪندي.

Read Previous

نئين ميگا اسڪيم ۾ پاڻيءَ جي تڪڙي نيڪال لاءِ نيون لائينيون وڇايون وينديون. صوبائي وزير امتياز احمد شيخ

Read Next

لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز کاتي پاران 26 ضلعن ۾ 15 لک کان وڌيڪ جانورن جي ويڪسينيشن ۽ طبي سهولتون فراهم ڪيون ويون:عبدالباري پوٽي

Most Popular