لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز کاتي پاران 26 ضلعن ۾ 15 لک کان وڌيڪ جانورن جي ويڪسينيشن ۽ طبي سهولتون فراهم ڪيون ويون:عبدالباري پوٽي

ڪراچي)01 سيپٽمبر2020(لائيو اسٽاڪ اينڊ فشريز کاتي جي انتظام هيٺ  آگسٽ جي مهيني  سموري صوبي جي 15 لک 35 هزار کان وڌيڪ ننڍن ۽ وڏن جانورن کي مون سون جي برسات جي باوجود ويڪسينيشن سميت طبي ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن مهيني جي رپورٽ موجب  26 ضلعن ۾ 227 امدادي ڪئمپ قائم ڪيا ويا آهن ، جتي 200 کان وڌيڪ ويٽرنري ڊاڪٽر ۽ 400 کان وڌيڪ جانورن جا پيراميڊيڪل عملو مقرر ڪيو ويو آهي.  اِها ڳالهه ڊائريڪٽر اينيمل هسبينڊي سنڌ پاران لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز جي صوبائي وزير عبدالباريپتافي کي آگسٽ 2020 تائين ڏنل ڊيٽا ۾ ٻڌائي وئي.  تفصيل موجب5 لک 66 هزار  کان وڌيڪ وڏن ۽7 لک 77 هزار کان وڌيڪ ننڍن جانورن کي ويڪسينيشن ڪئي وئي آهي جڏهن ته 45000 هزارکان وڌيڪ ننڍن ۽ وڏن جانورن کي طبي سهولتون فراهم ڪرڻ سان گڏ هڪ لک 50 هزار کان وڌيڪ وڏن ۽ ننڍن جانورن کي اينيمل ڊرينج جون سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن.  لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز وارو وزير عبدالباري پتافي چيو آهي ته آگسٽ ۾ مون سون جي برسات دوران پڻ لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز کاتي جانورن کي موسمياتي بيمارين کان بروقت تحفظ فراهم ڪري ڇڏيو آهي.  پوري صوبي ۾ مڪمل ويڪسينيشن مهم جاري آهي ِ جيڪا قابل ستائش آهي.  سنڌ حڪومت پاران جاري ڪيل ايس او پيز تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ لاءِ تمام دستياب وسيلا استعمال ڪيا وڃن.  عبدالباري پتافي چيو ته سخت برسات ۽ شهري ٻوڏ جي صورت ۾ چوپائي مال ۽ ٻين جانورن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ احتياطي اپاءَ ڪيا پيا وڃن.

Read Previous

فلور ملن ۽ اٽي جي چڪين کي جلد رعايتي اگهن تي ڪڻڪ جاري ڪئي ويندي. صوبائي وزير خوراڪ

Read Next

نئون ديرو ڀرسان ڳوٺ حسن وهڻ ۾ برسات جي وسڪاري سبب ڪري پٽ پيل متاثر واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪندي

Most Popular