نئون ديرو ڀرسان ڳوٺ حسن وهڻ ۾ برسات جي وسڪاري سبب ڪري پٽ پيل متاثر واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪندي

نئون ديرو01 سيپٽمبر 2020ع   سنڌ سميت نئون ديرو ۽ ڀرپاسي جي علائقي ۾ پيل شديد برسات علائقي واسين لاءِ رحمت بجاءِ زحمت بڻجي وئي. جتي شديد برسات سبب هيٺانهينءَ وارن علائقن ۾ برساتي پاڻي ماڻهن جي گهرن ۾ ڪاهي پيو اتي ڪيترن ئي غريب مسڪين پورهيتن جي گهرن کي نقصان پهچائي ڪيترن ئي غريبن کي بي گهر پڻ ڪري ڇڏيو آهي. نئون ديرو لڳ ڳوٺ حسن واهڻ ۾ شديد برسات سبب 5 پورهيتن جا گهر ڊهي پٽ ٿي ويا جڏهن ته 10 کان وڌيڪ پورهيتن جا گهر ڪمزور ۽ زبون ٿي ويا. گهر ڪرڻ جي خوف کان متاثر ڳوٺاڻا ريلوي بند تي کليل آسمان هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور بڻجي ويا. جڏهن ته ڪو به چونڊيل نمائندو يا پيپلز پارٽيءَ جو مقامي اڳواڻ سندن سار لهڻ به نه آيو. 5 پورهيتن گلشن چنو، شاهد چنو، غلام علي چنو، مشتاق علي چنو ۽ نديم مڱڻيجو جي گهرن جون ڇتيون ۽ ڀتيون ڊهي پٽ ٿي ويون آهن جڏهن ته انور علي، امداد علي، اوشاق علي، همت علي سميت 10 کان وڌيڪ ڳوٺاڻن جا گهر برسات سبب زبون ۽ ڪمزور ٿي ويا آهن جنهن جي ڪنهن به وقت ڪري پٽ پوڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي جنهن ڪري متاثر ڳوٺاڻا ريلوي بند ڀرسان کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار بڻجي ويٺل آهن. گهر جون ڇتيون ڪرڻ ڪري هڪ پورهيت جا 5 گهر ڀاتي زخمي ٿي پيا جن ۾ شمشاد خاتون، حاجرا، شڪيلا، ماهنور ۽ صنم ڇت هيٺان اچي شديد زخمي ٿي پيا جن جو اسپتالن مان علاج هلندڙ آهي. برسات متاثرن سهائتا ۽ واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي دانهون ڪندي هنن جو چوڻ هو ته گهر ڪرڻ بعد اسان ريلوي بند تي بي يارو مددگار ويٺل آهيون شهيد راڻي بينظير کان وٺي بلاول ڀٽو زرداري تائين پيپلز پارٽي جا پراڻا ووٽر ۽ سپورٽر آهيون پر هن ڏکئي وقت ۾ اڃان تائين اسان وٽ پيپلز پارٽيءَ جو مقامي اڳواڻ به لڙي ناهي آيو. هڪ طرف گهر ڪري پوڻ ڪري سخت مشڪلاتن جي ور چڙهيل آهيون ته ٻئي طرف بيروزگاري به گهر ڪري وئي آهي. اسان روز 500 روپيه ڏهاڙيءَ ڪمايون ٿا جنهن مان گهر ٺهرايون يا ٻچڙن جو پيٽ گذر ڪريون. هن وقت ٻچڙا بک ۽ بدحاليءَ جو شڪار بڻيل آهن. هنن پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، ايم پي اي فريال ٽالپر، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ وسوارن کي اپيل ڪئي ته اسان جي واهر ڪري ڪريل گهر ٺهرائي مدد ڪئي وڃي.

Read Previous

لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز کاتي پاران 26 ضلعن ۾ 15 لک کان وڌيڪ جانورن جي ويڪسينيشن ۽ طبي سهولتون فراهم ڪيون ويون:عبدالباري پوٽي

Read Next

اميد ته وزير اعظم سنڌ جي ماڻھن جي سار لھندو : مراد علي شاهه

Most Popular