نواز شريف وطن واپسي لاءِ بيچين آهي جيستائين علاج نٿو ٿئي هو نه ايندو:مريم نواز

اسلام آباد : ن ليگ اڳواڻ مريم نواز چيو آهي ته نواز شريف وطن واپسي لاءِ بيچين آهي پر جيستائين علاج نٿو ٿي وڃي، هو واپس نه ايندو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي جي موقعي تي صحافين سان غير رسمي گفتگو ڪندي مريم نواز چيو ته منهنجو خيال ناهي نواز شريف آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ وڃڻ کان روڪيندو، اسان آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ وينداسين، اي پي سي ۾ خبر پئجي ويندي ته سڀ هڪ پيج تي آهن يا نه، وقت جي ضرورت آهي ته سڀ جماعتون ملڪ جي بهتري لاءِ هڪ پيج تي اچن.هن چيو ته نواز شريف جو لنڊن ۾ علاج هلي رهيو آهي، ڪورونا سبب علاج ۾ دير ٿي، هو ڏيهه موٽڻ لاءِ بيچين آهي پر منهنجو نواز شريف سان ضد هوندو ته جيستائين علاج نٿو ٿي وڃي واپس نه اچي.سندس چوڻ هو ڪير به نه چاهيندو ته هن عمر ۾ پنهنجي وطن کان پري رهي، اسان کي پنهنجو نه پر پاڪستان جو سوچڻ گهرجي، 5 سالن ۾ جيڪو نقصان ڪرڻو هو، هنن ٻن سالن ۾ ئي ڪري ڇڏيو.مريم نواز وڌيڪ چيو ته سي پيڪ جو باني نواز شريف آهي، جيڪو 60 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري پاڪستان کڻي آيو، کيس جيڪڏهن هڪ اقامي تي ڪڍڻ سان سي پيڪ کي ڪجهه نه ٿيو ته هڪ فرد اچڻ وڃڻ سان يا احتساب کي منهن ڏيڻ سان به سي پيڪ کي ڪجهه نه ٿيندو، جنهن تي الزام لڳا آهن، ان کي جواب ڏيڻ گهرجي.

Read Previous

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو نواز شريف کي سرينڊر ڪرڻ جو حڪم

Read Next

نااهل وفاقي حڪومت ڪي اليڪٽرڪ جي منشي بڻيل آهي،هنن ۾ ملڪ هلائڻ جي صلاحيت ناهي: چيف جسٽس

Most Popular