نااهل وفاقي حڪومت ڪي اليڪٽرڪ جي منشي بڻيل آهي،هنن ۾ ملڪ هلائڻ جي صلاحيت ناهي: چيف جسٽس

جسٽس منيب اختر

اسلام آباد چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا آهن ته حڪومت ۾ ملڪ هلائڻ جي صلاحيت آهي نه ئي قابليت.چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي فاضل بئنچ ڪراچي ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جتي عدالت عظميٰ ڪي اليڪٽرڪ ۽ پاور ڊويزن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته پاور ڊويزن جي رپورٽ ڪي اليڪٽرڪ کان پئسا وٺي ٺاهي وئي، جنهن پاور ڊويزن واري آفيسر رپورٽ جمع ڪرائي، ان کي ڦاهي ڏئي ڇڏڻ گهرجي، ڇو نه اهڙي رپورٽ تي جوائنٽ سيڪريٽري کي نوڪري تان فارغ ڪري ڇڏيون، اسان موجوده صورتحال تي رپورٽ گهري هئي، انهن مستقبل جو لکي ڇڏيو، مستقبل کي ڇڏيو، هاڻ ڇا ڪري رهيا آهيو ان جو ٻڌايو، پاور ڊويزن وارن کي ڪراچي وٺي وڃو ڏسو ماڻهو ڪيئن انهن کي پٿر ٿا هڻن، ڪراچي وڃي انهن ماڻهن جو دماغ ٺيڪ ٿي ويندو.جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏنا ته اسان چيو هو نيپرا ۽ ٻيا ادارا ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ جي مسئلي جو حل ڪڍي اچن، ڪراچي ۾ برساتن سبب صورتحال وڌيڪ خراب ٿي چڪي آهي، ڪي اليڪٽرڪ وارا اسٽي آرڊر کڻي 5 سالن تائين ويٺل رهندا آهن.چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته هروڀرو چيو ويندو آهي ته ڪراچي ملڪي معيشت جو 70 سيڪڙو ڏئي ٿو، ڪراچي وٽ ڏيڻ لاءِ هاڻ ڪجهه ناهي، ڪراچي ۾ اربين رپيا جاري ٿيندا آهن پر خرچ ڪجهه ناهي ٿيندو، 4 سال ميئر رهندڙ هڪ نالي نه ٺاهي، لوڪل گورنمينٽ وارن کي جيترا به پئسا مليا اهي پگهارن تي خرچ ڪيا ويا آهن، اڄ به اڌ ڪراچي پاڻي ۽ اونداهي ۾ ٻڏل آهي، ڪراچي ۾ ڪي ايم سي ۽ ڪنٽونمينٽ بورڊ آهي پر انهن جا ملازم نظر نه پيا اچن، شهر جي سار سنڀال جو ذمو حڪومت جو آهي پر اسان کي علم آهي ته ڪراچي جا ڪرتا ڌرتا ڪجهه نه ڪندا، اهي ته وات جو گرهه به کسي وٺندا آهن، اڳ ئي اربين رپيا ٻاهرين ملڪ وڃي چڪا آهن، ڪراچي ۾ مال ٺاهڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، ڪراچي وارن جا ٻاهرين ملڪ اڪائونٽ فعال ٿي چڪا آهن.جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته ڪي اليڪٽرڪ عوام کي بجلي ۽ حڪومت کي پئسا ناهي ڏيندي، 2015 کان ڪي اليڪٽرڪ هڪ رپيو حڪومت کي نه ڏنو، حڪومت ۾ ملڪ هلائڻ جي نه صلاحيت آهي ۽ نه ئي قابليت، حڪومت کي بي وس ڪيو پيو وڃي، ڇو ته ان وٽ اهليت ناهي، حڪومت ڪي اليڪٽرڪ جي ڪلارڪ ۽ منشي بڻيل آهي، وفاقي حڪومت جي جيڪڏهن ڪي اليڪٽرڪ تي رٽ ناهي ته سڄي ملڪ تي ناهي، وفاقي حڪومت صفا بي وس آهي، وفاقي حڪومت ڇا ڪري رهي آهي؟ ان جي نيٺ رٽ ڪٿي آهي، وفاقي حڪومت ائين پاڪستان هلائيندي.جسٽس گلزار احمد اٽارني جنرل کي مخاطب ٿيندي ريمارڪس ڏنا ته ڪراچي ۾ حڪومت بي وس نظر اچي رهي آهي، ڪراچي جا شهري هن وقت ڪي اليڪٽرڪ هٿان يرغمال بڻيل آهن، ڪي اليڪٽرڪ وارا شهر سان تمام خراب ڪري رهيا آهن، جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته ڪي اليڪٽرڪ وٽ پيداواري صلاحيت ناهي ته پوءِ بجلي پيداوار جو خاص اختيار ختم ٿي ويندو آهي، پاور ڊويزن جو جواب واپس وٺان ٿو، نئون جواب جمع ڪرائينداسين. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته پاور سيڪٽر وٽ ڪم ڪرڻ جو دم ناهي، ملڪ ۾ پيٽرول جو وڏو اسڪينڊل آيو، ملڪي معيشت تباهي ڪناري اچي وئي، 10 ڏينهن تائين ملڪ مڪمل بند رهيو، جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته پيٽرول جي معاملي تي ڪميشن ٺاهي آهي، جواب ۾ چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ڪميشن جو ڪهڙو فائدو، جنهن کي ڪم ڪرڻو هو ڪري ويو.جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته هن وقت عوام جي فائدي لاءِ حڪومت وٽ ڪجهه ناهي، ادارن جي پاڻ ۾ ڪا هم آهنگي ناهي، سمورا حڪومتي ادارا ڪي اليڪٽرڪ جي مدد لاءِ آهن، هن ڀيري ٻلي ٿيلهي کان ٻاهر اچي وئي آهي، پاور ڊويزن جي رپورٽ کي رڪارڊ جو حصو بڻائينداسين.سپريم ڪورٽ نيپرا قانون جي سيڪشن 26 تي عمل جو حڪم ڏيندي قرار ڏنو ته قانون تحت نيپرا کي عوامي ٻڌڻي ڪري فيصلي جو اختيار آهي، نيپرا قانون موجب ڪي اليڪٽرڪ جا ڪراچي ۾ بجلي سپلاءِ جي خاص اختيار جو فيصلو ڪري، 10 ڏينهن ۾ نيپرا ٽربيونل جا ميمبر مقرر ڪيا وڃن ۽ سيڪشن 26 جي اختيار جي استعمال تي ڪا عدالت منع نامي جو حڪم نه ڏئي سگهندي.سپريم ڪورٽ ڪي اليڪٽرڪ خلاف نيپرا قدمن تي جاري منع ناما به خارج ڪري ڇڏيا.

Read Previous

نواز شريف وطن واپسي لاءِ بيچين آهي جيستائين علاج نٿو ٿئي هو نه ايندو:مريم نواز

Read Next

ٽنڊومستي ڀرسان صدرجي ڀٽيون جي بيواھ جو پوليس عملدار خلاف نياڻين سميت احتجاج

Most Popular