اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو نواز شريف کي سرينڊر ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف کي عدالت جي سامهون سرنڊر ڪرڻ جي لاءِ 9 ڏينهن جي مهلت ڏئي ڇڏي آهي. جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محمد اختر ڪياني تي ٻڌل اسلام آباد جي 2 رڪني بينچ ايون فيلڊ، فليگ شپ ۽ العزيزي ريفرنسز تي احتساب عدالتن جي فيصلن جي خلاف نواز شريف، مريم نواز، ڪيپٽن ريٽائرڊ صفدر ۽ نيب جي نظرثاني درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي، ان موقعي تي نواز شريف جو وڪيل خواجا حارث، ن ليگ اڳواڻ مريم نواز، ڪيپٽن (ر) صفدر عدالت ۾ پيش ٿيا جڏهن ته سينيٽر پرويز رشيد سميت ٻيا پارٽي اڳواڻ به عدالت جي ڪمري ۾ موجود هئا.ٻڌڻي دوران عدالت اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف کي عدالت جي سامهون سرنڊر ڪرڻ جو حڪم ڏيندي وڪيل خواجا حارث کي چيو ته توهان کي هڪ موقعو ڏئي رهيا آهيون ته ايندڙ ٻڌڻي کان اڳ سرنڊر ڪري. جسٽس محسن اختر ڪياني ريمارڪس ڏنا ته نواز شريف هر صورت ۾ عدالت ۾ پيش ٿئي جڏهن ته جيڪڏهن توهان کي ايئر پورٽ تي ڪنهن گرفتاري جو خدشو آهي ته ٻڌايو.عدالت چيو ته نواز شريف جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست تي مناسب حڪم جاري ڪنداسين، اسان پنهنجو لکت وارو حڪم نامو جاري ڪنداسين جنهن ۾ ٻڌائينداسين ته ڪڏهن سرنڊر ڪرڻو آهي جڏهن ته وفاقي حڪومت به پنهنجو موقف پيش ڪري. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سرنڊر ڪرڻ جي تاريخ بابت فيصلو محفوظ ڪندي ٻڌڻي 10 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Read Previous

اميد ته وزير اعظم سنڌ جي ماڻھن جي سار لھندو : مراد علي شاهه

Read Next

نواز شريف وطن واپسي لاءِ بيچين آهي جيستائين علاج نٿو ٿئي هو نه ايندو:مريم نواز

Most Popular