ٽنڊومستي ڀرسان صدرجي ڀٽيون جي بيواھ جو پوليس عملدار خلاف نياڻين سميت احتجاج

ٽنڊومستي ٽنڊومستي ڀرسان صدرجي ڀٽيون جي بيواھ جو پوليس عملدار خلاف نياڻين سميت احتجاج، پوليس عملدار قلندر بخش ميربحر مٿان سخت نوعيت جا الزام کيس نوڪري مان فارغ ڪري اسان کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي: احتجاج ڪندڙ صغرا ڪلھوڙو. ڪنگري تعلقي جي يو سي صدرجي ڀٽيون واسڻ پنجاھ سالا بيواھ عورت صغران زال انور علي ڪلھوڙو  پنھنجي ٽن نياڻين سميت احتجاج ڪندي صحافين کي ٻڌايو آهي ته سندس مڙس انور علي فوت ٿي ويو آهي ھوءَ پنھنجي يتيم ٻارڙن سان گھر۾ رھندي آھي پر سندس پاڙيسري پوليس عملدار سندس گھر تي قبضو ڪرڻ لاءِ ھر طرح سان تنگ ڪري رھيو آھي ته جيئن اسان گھر خالي ڪري لڏي وڃون ھن الزام لڳايو ته پوليس اھلڪار سندن عالم پناھ ديوار کي ڊاھي رھيو آھي جنھن ڪري اسان جي بي پردگي ٿئي ٿي ۽ پنھنجا ٻار ٻچا ٻي پاسي موڪلي لوفرن جا ٽولا رھائي ٿو جن سان گڏجي فحش حرڪتون ء اشارا ڪري اسان کي تنگ ڪري ٿو دانھن ڪوڪ ڪرڻ تي قتل ڪرڻ ۽ ڪوڙن ڪيسن م ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏي ٿو اسان پوليس جي اعلي آفيسرن کي به دانھن ڏني آهي ڪير به داد رسي نه ٿو ڪري ھنن مطالبو ڪيو آهي ته پوليس عملدار قلندر بخش ميربحر کي نوڪريءَ مان ھٽائي کين جاني تحفظ ڏنو وڃي ٻي صورت م اسان تنگ ٿي زندگي جو ڏيئو اجهائي زندگيون ختم ڪري ڇڏينداسين ان جي زمينواري پوليس اھلڪار قلندر بخش ميربحر ۽ ان جي ساٿين تي ھوندي

Read Previous

نااهل وفاقي حڪومت ڪي اليڪٽرڪ جي منشي بڻيل آهي،هنن ۾ ملڪ هلائڻ جي صلاحيت ناهي: چيف جسٽس

Read Next

گڏاپ مان 22 ڏينهن کنڀي گم ڪيل اصغر بروهي گهر پهچي ويو

Most Popular