گڏاپ مان 22 ڏينهن کنڀي گم ڪيل اصغر بروهي گهر پهچي ويو

گڏاپ : سنڌ جي راڄڌاني واري شھر ڪراچي خميسي ڳوٺ مان 22ڏينهن اڳ کنڀي گم ٿيل سياسي ,سماجي اڳواڻ اصغر بروهي آزاد ٿي خيرسان گهر پهچي ويو پر ان سان گڏ کنڀيجي ويل سردار ملاڻي جو ڪوبه ڏس پتو پئجي نه سگهيو مون کي سردار ملاڻي جي ڪا خبر نه آھي ,اصغروهي تفصيل موجب نئين ڪراچي جي خميسا ڳوٺ کان 22 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل سياسي ,سماجي اڳواڻ اصغر بروهي ۽ سردار ملاڻي مان گذريل رات دير سان اصغر بروهي کي لالوکيت واري علائقي ۾ گاڏي کان لاهي هڪ هزار روپيه ڪرائي جي لاء ڏيئي ويا ۽ مون جڏھن اکيون کولي گونجهان علائقو ڏٺو ته منهنجي دماغ بلڪل ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو ۽ ٿوري اتي ويهي  بعد ۾ معلوم ڪري پوء پنهنجي گهر فون ڪيم ۽ ان بعد هن اچي مون کي گهر پهچايو هن چيو ته سردار ملاڻي جي مونکي ڪابه خبر نه آھي ته هن کي ڪٿي رکيو ويو آھي

Read Previous

ٽنڊومستي ڀرسان صدرجي ڀٽيون جي بيواھ جو پوليس عملدار خلاف نياڻين سميت احتجاج

Read Next

لبنان: حڪومت مخالف مظاهره، استعيفيٰ جو مطالبو

Most Popular