پيارو اسٽِيشن جي امام بارگاھ جو قديمي ماتمي اجتماع , خنجرن , چاڪن ۽ زنجيرن سان ماتم

پيارو اسٽيشن : امام بارگاھ جو قديمي ماتمي اجتماع , سوين عزادارن جي شرڪت , خنجرن , چاڪن ۽ زنجيرن سان ماتم , سينازني ڪئي وئي , ڪيترائي عزادار زخمي , مجلس عزا دادو شگر ملز جي مين گيٽ اڳيان  ذاڪرن  بلاول احمد فائضي ۽ عمران علي نجفي ڪربلا جي قصي کي دھرائي ھر اک آلي ڪري ڇڏي چوطرف , ياحسين ياحسين جي صدائن جي گونج ,اسلام جي سربلندي حق ۽ سچ جي بقا ۽ سالميت لاء نواساء رسول اڪرم حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم ڪربلا جھڙي بيگاني ديس ۾ بي جرم بي خطا شھيد ڪربلا مولا امام حسين عليه السلام سندس سموري آل ۽ ساٿين سميت  72 شھيدن جي ڏنل عظيم و شان قرباني کي لڙڪن ۽ سڏڪن سان ڀيٽا پيش ڪرڻ لاء پيارو اسٽيشن جي مرڪزي امام بارگاھ علي آباد جي قديمي پڙ تان سوين عزادارن سان گڏ تعلقا صدر آصف چانڊيو شعيا علماء ڪائونسل جي اڳواڻي ۾ وڏو ماتمي جلوس برآمد ڪيو ويو جيڪو  شھر جي  مختلف رستن تان ٿيندو دادو شگر ملز جي مين گيٽ اڳيان پھتو جتي  مومنن خنجرن , چاڪن ۽ ڇرين تي ماتم سان گڏ سينازني ڪئي ۽  مجلس عزا  پڻ اتي وڇائي وئي مجلس عزا بلاول احمد فائضي ۽ عمران علي نجفي پڙھي مومنيئن تي سحر طاري ڪري ڇڏيو ۽ ،جڏھن ته ماتمي جلوس مقرر  روٽ کان ٿيندي  مرڪزي امام بارگاه علي آباد ۾ اختتام پزير ٿيو،جتي آخر ۾ دعاء خير گھرڻ بعد مومنن ۾ لنگر امام حسين عليه السلام پڻ تقسيم ڪيو ويو، سيڪورٽي انتظام ايس ايڇ او رڪڻ ۽  پوليس پوسٽ انچارج بخشل سومرو بهتر نموني سرانجام ڏنا ۽ سيڪورٽي انتظا۾ سخت رکيا ويا  عزادارن لاء ميڊيڪل ڪيمپ پڻ لڳائي وئي ان موقعي تي شعيا علماء ڪائونسل تعلقا دادو جي صدر آصف چانڊيو پيارو اسٽيشن جي عوامي  چونڊيل نمائندن ۽ لاڳاپيل انتظاميان خلاف دانهيندي چيو ته افسوس آھي هنن تي جو بار بار چوڻ جي هنن ماتمي  جلوس کي مقرر ٿيل روٽ  ڪليئر ڪرائي نه ڏنو رڳو ڪوڙا دلاسا ڏئي منظر تان غائب رهيا اسان پنهنجن معصوم عزادر ٻارڙن کان روٽ جي صفائي سٿرائي ڪرائي پر برساتي  گندو پاڻي گهٽين ۾ ڪٿي ڪٿي بيٺل هئڻ ڪري ماتمي جلوس  ۾ شريڪ عزادارن کي مشڪلات جو منهن ڏسڻو پيو انهن جي اهڙي نااهلي ۽ غير ذميواراڻي رويي تي انتهائي صدمو رسيو آھي

Read Previous

حيدر علي ڊيبيو ميچ ۾ سمورن پاڪستاني رانديگرن کي پوئتي ڇڏي ڏنو

Read Next

ڪراچي ۾ غلط پلاننگ ڪري هائوسنگ سوسائٽيون ٺاهيون:فياض ٻٽ

Most Popular