ڪراچي ۾ غلط پلاننگ ڪري هائوسنگ سوسائٽيون ٺاهيون:فياض ٻٽ

ميھڙ :  اڳوڻي صوبائي وزير پ پ ايم پي اي فياض علي ٻٽ ميھڙ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ڪراچي ۾ اڳوڻن حڪمرانن غلط پلاننگ ڪري هائوسنگ سوسائٽيون ٺاهيون جنهن ڪري برساتن تباهي مچائي ڇڏي آهي سيد مراد علي شاه جنگي بنيادن برسات جو پاڻي نيڪال ڪرايو هن چيو ته قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاء صوبائي حڪومت سيد مراد علي شاه جي قيادت ۾ تيار آهي هن چيو ته ايندڙ بلدياتي چونڊن ۾ پ پ مخالفن کي اميدوار ئي نه ملندا پ پ مخالفن جي سڄي سنڌ مان تڏا ويڙه ٿي چڪي آهي شڪست مخالفن جو مقدر بنجي چڪي آهي هن چيو ته سياسي يتيم پ پ خلاف پروپيگنڊه ڪري ميڊيا ۾ جيئرو رھڻ گهرن ٿا هن چيو ته وفاق جو سنڌ سان ماٽيلي ماء وارو سلوڪ آهي وفاقي حڪومت جي غلط پاليسين سبب صوبن ۾ احساس محرومي پئدا ٿي رهي آهي وفاق سنڌ کي اين ايف سي ايوارڊ ۽ پاڻي جو مڪمل حصو ڏئي هن چيو ته پ پ ملڪ جي حقيقي عوامي وڏي پارٽي آهي جيڪا پنجاب . خيبرپختون خواه .بلوچستان .گلگت بلستان مان به بلدياتي چونڊون کٽندي هن چيو ته پ پ ۾ سياسي يتيمن ۽ غدارن جي ڪابه گنجائش ناهي بلدياتي اليڪشن کان اڳ ڪيترا ئي ماڻھو پ پ ۾ شامل ٿيڻ لاء ڪوششون ڪري رهيا آهن ان موقعي تي پ پ اڳواڻ رضا علي مهيسر .عبدالغفار ايري. عبدالنبي چانڊيو .۽ ٻيا موجود هئا

Read Previous

پيارو اسٽِيشن جي امام بارگاھ جو قديمي ماتمي اجتماع , خنجرن , چاڪن ۽ زنجيرن سان ماتم

Read Next

نيب پاران صوبائي وزير سهيل انور سيال جي گهر تي ڇاپو، اهم دستاويز هٿ

Most Popular