حيدر علي ڊيبيو ميچ ۾ سمورن پاڪستاني رانديگرن کي پوئتي ڇڏي ڏنو

مانچسٽر: (اسپورٽس نيوز) نوجوان بيٽسمين حيدر علي پنهنجي ڊيبيو ميچ کي يادگار بڻائيندي سمورن پاڪستاني رانديگرن کي پوئتي ڇڏي ڏنو.19 سالن جي بيٽسمين انگلينڊ خلاف ٽئين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ففٽي اسڪور ڪري ٽوئٽي ڊيبيو تي اڌ سينچري ڪندڙ پاڪستان جو واحد بيٽسمين بڻجي ويو.ان کان اڳ ڊيبيو تي سڀني کان وڌيڪ انفرادي اسڪور جو اعزاز عمرامين کي حاصل آهي جنهن 47 رنز ٺاهيون هيون.انگلينڊ خلاف ميچ ۾ حيدر علي 5 چوڪن جي مدد سان 54 رنز ٺاهيون ۽ پوءِ ڪرس جارڊن جي بال تي بولڊ ٿي ويو.اڳوڻي انگلش ڪپتان مائيڪل وان ۽ اڳوڻي آسٽريلوي فاسٽ بالر ٽام موڊي به نوجوان بيٽسمين حيدر علي جي راند جي تعريف ڪئي.سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي جاري پيغام ۾ مائيڪل وان لکي ٿو”لڳي ٿو پاڪستان کي ڪو سنجيده رانديگر ملي ويو آهي.“اڳوڻي آسٽريلوي ڪرڪيٽر ٽام موڊي چيو ته پهريون ڀيرو حيدر علي کي انڊر 19 ورلڊ ڪپ ۾ ڏٺو هو ۽ سمجهي ويو هئس ته هي باصلاحيت رانديگر آهي، خوشي آهي ته نوجوان کي موقعو ڏنو ويو. 

Read Previous

محمد حفيظ انگلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ سڀني کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ رانديگر بڻجي ويو

Read Next

پيارو اسٽِيشن جي امام بارگاھ جو قديمي ماتمي اجتماع , خنجرن , چاڪن ۽ زنجيرن سان ماتم

Most Popular