نيب پاران صوبائي وزير سهيل انور سيال جي گهر تي ڇاپو، اهم دستاويز هٿ

لاڙڪاڻو: صوبائي وزير سهيل انور سيال جي بنگلي تي نيب پاران ڇاپو هنيو ويو. رپورٽ موجب نيب اختيارين لاڙڪاڻي جي علائقي فريدآباد ۾ سهيل انور سيال جي بنگلي تي ڇاپو هنيو. ان موقعي تي نيب سان گڏ ليڊي پوليس اهلڪار به موجود هيون. نيب اختيارين سهيل انور سيال جي بنگلي تي ڇاپي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته بنگلي جي اندروني حصن جي تلاشي ورتي وئي. نيب موجب نيب سکر لاڙڪاڻي ۾ سهيل انور سيال جي رهائشگاهه تي ڇاپو هنيو  جنهن ۾ پهريون ڇاپو سيال هائوس لاڙڪاڻو سٽي، ٻيون انور پيلس ڳوٺ فريد آباد، تعلقو باقراڻي ۽ ٽيون ڇاپو سيال پيلس ڳوٺ فريد آباد تعلقه باقراڻي ۾ هنيو ويو.نيب موجب سهيل انور سيال جي ويجهن ساٿين اسد کهرل جي گهر تي به ڇاپو هنيو ويو ۽ ڇاپن دوران سمورين رهائشگاهن ۾ هڪ هڪ ڪمري جي تلاشي ورتي وئي. جڏهن ته سمورين رهائشگاهن مان اهم دستاويز  تحويل ۾ ورتا ويا آهن. نيب ٻڌايو ته ڇاپن دوران رهائشگاهن جي پيمائش به  ڪئي وئي جنهن ۾ سيال هائوس فريد آباد 4 ايڪڙن تي ٻڌل آهي ۽ ان جو هڪ حصو سرڪاري زمين تي تعمير ڪيو ويو آهي.هوڏانهن صحافين سان ڳالهيون ڪندي سهيل انور سيال چيو ته مان ضمانت تي آهيان.  اپريل2019ع ۾ نيب جاچ شروع ڪئي هئي جڏهن  به نيب گهرايو آهي مان ويو آهيان ۽ هن وقت مان ٻوڏ سبب ميرپورخاص ۾ آهيان. هن چيو ته نيب جي ٽيم اچڻ کان اڳ ڪوبه نوٽيس ناهي ڏنو. نيب وارا جنهن  گهر ۾ آهن اهو منهنجي پيءُ جي نالي تي آهي جيڪو ايف بي آر وٽ ڊيڪليئر آهي. صوبائي وزير چيو ته منهنجو پيءُ 6 مهينا اڳ فوت ٿي چڪو آهي ۽ ان جي ملڪيت  کي بي نامي قرار ڏئي منهنجي مٿان الزام هنيو پيو وڃي.  لاڙڪاڻي واري گهر مان دستاويز ملڻ جي خبر ڪوڙي آهي نيب کي ڪوبه دستاويز نه مليو آهي.

Read Previous

ڪراچي ۾ غلط پلاننگ ڪري هائوسنگ سوسائٽيون ٺاهيون:فياض ٻٽ

Read Next

آمريڪي عورت جي رحمان ملڪ خلاف ڪيس داخل ڪرڻ واري درخواست رد ڪرڻ جو فيصلو ڪالعدم

Most Popular