آمريڪي عورت جي رحمان ملڪ خلاف ڪيس داخل ڪرڻ واري درخواست رد ڪرڻ جو فيصلو ڪالعدم

اسلام آباد: آمريڪي شهري سنٿيا ڊي رچي جي سينيٽر رحمان ملڪ جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست رد ڪرڻ جو فيصلو ڪالعدم ڏنو ويو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سنتهيا رچي  جي ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست رد ڪرڻ جي فيصلي خلاف پٽيشن منظور ڪري ورتي. جسٽس آف پيس سنتهيا رچي جي رحمان ملڪ خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست 5 آگسٽ تي رد ڪري ڇڏي هئي. چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس اطهر من الله 6 صفحن تي ٻڌل لکت وارو فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. لکت واري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته جسٽس آف پيس 5 آگسٽ جي فيصلي ۾ اختيارن جو مٿانهون استعمال ڪيو. عدالت آرڊر پاس ڪرڻ وقت قانون ۽ سپريم ڪورٽ جي فيصلن کي آڏو نه رکيو آهي. عدالت پنهنجي حڪم نامي ۾ لکيو ته رحمان ملڪ جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست رد ڪرڻ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ٿو. عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سنتهيا ڊي رچي جي رحمان ملڪ جي خلاف داخل ڪيس جي درخواست کي التوا هيٺ تصور ڪيو وڃي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سيشن جج کي سنتهيا رچي جي درخواست تي ٻڌڻي جي لاءِ معاملو جسٽس آف پيس کي موڪلڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. فيصلي ۾ اهو به چيو ويو آهي ته 5 آگسٽ جو فيصلو ٻڌائيندڙ جج وٽ ڪيس ٻيهر نه موڪليو وڃي ۽ ڌرين کي ٻڌي 3 هفتن ۾ ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست تي فيصلو ڪيو وڃي.

Read Previous

نيب پاران صوبائي وزير سهيل انور سيال جي گهر تي ڇاپو، اهم دستاويز هٿ

Read Next

سوات ۾ برساتن دوران مختلف حادثن ۾ پنج ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا

Most Popular