مبارڪپور : ڳوٺ رانجهاپور واسي محمد صديق ٻرڙو پنهنجي ڀائرن خلاف احتجاجي مظاهرو

مبارڪپور :  مبارڪپور ڀرسان پورهيت جو ڀائرن خلاف جڳهه ۾ حصو نه ڏيڻ خلاف احتجاج ، ٺل پوليس جو به فرياد وٺڻ کان انڪار ، پورهيت ٻارڙن سميت گهر کان بي گهر بڻيل ، ڀائرن گهر کان ڪڍي ڇڏيو آهي ، هاڻي موت جو دمڪيون ڏئي رهيا آهن انصاف ڪيو وڃي: متاثر جون صحافين اڳيان دانهون  تفصيل موجب مبارڪپور ڀرسان ڳوٺ رانجهاپور واسي محمد صديق ٻرڙو پنهنجي ڀائرن امام الدين ، ممتاز ۽ عنايت ٻرڙو خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته اسان جي جڳهه ٺل ۾ رکيل شاه ڪالونيءَ ۾ آهي جنهن ۾ اسان چار ڀائر حصي دار آهيون منهنجا وڏا ڀائر مونکي ان جڳهه مان حصو نٿا ڏين ۽ نه ئي  گهر ۾ رهڻ ٿا ڏين ان چيو ته اڃان مونکي ۽ منهنجي ٻارڙن کي موت جون ڌمڪيون ڏئي  رهيا آهن مان گهڻن ڏينهن کان پنهنجي گهر کان بي گهر بڻيل آهيان ان چيو ته ٺل پوليس به منهنجي فرياد نٿي وٺي مان روز ڪمائي کائڻ وارو ۽ منهنجا ڀائر بااثر آهن جيڪي پوليس کي رشوت ڏئي اڃان منهنجي مٿان ڪوڙا ناحق ڪيس داخل ڪرائي رهيا آهن ، خدارا مون سان انصاف ڪيو وڃي نه ته مان ٻارڙن سميت پريس ڪلب اڳيان ساڙيندس.

Read Previous

ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور نويدالرحمان لاڙڪ رات جو تعلقه هيڊ ڪوارٽر ڳڙهي ياسين جي اسپتال جو دورو.

Read Next

شوٽنگ دوران سمورو ڌيان ڪم تي هوندو آهي: ماهره خان

Most Popular