سنڌ حڪومت پهرين ڏينهن کان برسات جي تباهه ڪارين کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجي حڪمت جوڙي آهي : صوبائي وزير آبپاشي سهيل انور سيال

ميرپورخاص: صوبائي وزير آبپاشي سهيل انور سيال چيو آهي ته سنڌ حڪومت  پهرين ڏينهن کان  برسات جي تباهه ڪارين کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجي حڪمت جوڙي آهي  هن چيو ته پيپلز پارٽي جي اعلا قيادت  اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي  بلاول ڀٽو زرداري  جون سنڌ حڪومت ۽  سڀني وزيرن کي سختي سان هدايتون  هيون ته غريب ماڻهن جي   تڪليف کي محسول ڪيو وڃي   تازوئي وڏي وزير  برسات سٽيل علائقن جو دور پڻ ڪيو اهڙن خيالن جو اظهار هن ميمبر قومي اسيمبلي  مير منور ٽالپر جي جي بنگلي  ميرپورخاص ۾  پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو  هن  چيو ته اسان ٺلها آسرا نه ڏيندا سين  عملي ڪم به ڪنداسين هن چيوته رب پاڪ  جي  مهرباني سان   هن وقت  وڏا گهارا گهٽ پيا آهن جيڪي ننڍا گهرا پيا آهن اهي انتظاميه بند ڪرائي رهي آهي  ٻه وڏا گهارا پيا آهن جنهن مان هڪ بند ٿي ويو آهي ۽ هڪ 24 ڪلاڪن ۾ بند ڪرايو ويندو هن چيو ته تيز برساتن سبب سم نالن  ۾ ڊزائن کان مٿي پاڻي وهي رهيو هو ان ڪري گهارا ۽ پاڻي اور فلو ٿيو آهي چوڏينهن جي رات سبب پاڻ سمنڊ ڏانهن نه وڃي رهيو هو  هاڻ پاڻي جي نڪاسي سمنڊ ڏانهن ٿي رهي آهي  هن صحافين کي ٻڌايو ته  ڊور پراڻ  جي اسڪيمن  تي  ٽينڊر  ٿيل  هيو پر هتان جي   مقامي  ماڻهن اعتراض واري اسٽي  ورتو  جنهن سبب  ڪوبه ترقياتي ڪم نه ٿي سگهيو ڊورو پراڻ جي اسڪيم جو ڪم ٿيل هجي ها ته اڃ اها صورتحال نه هجي ها  هن چيو ته  گذريل 2011  جي ٻوڏ دوران ميرپورخاص ۾ 19  وڏا گهارا پيا هئا اڄ اهڙي ساڳي صورتحال آهي پر اڳوڻي صدر  آصف علي زرداري  جي دور ۾  بندن کي پڪو ڪرائڻ سبب هن موجوده تيز برساتن دوارن صرف 2 وڏا گهارا پيا آهن   پريس ڪانفرنس ۾ ايم اين اي ميرمنور ٽالپر صوبائي وزير هريرام ڪشوري لال ، ايم پي اي نور احمد ڀرڳڙي دپٽي ڪمشنر  زاهد حسين ميمڻ  اڳوڻو چيئرمين ضلعه ڪائونسل مير انور ٽالپر  پارٽي ورڪر ۽ ٻيا ماڻهو موجود هئا.

Read Previous

ميرپورخاص جا شهري توڙي ٻهراڙي جا علائقا پندهن ڏينهن کان برساتي پاڻي هيٺ آهن. حليم عادل شيخ

Read Next

يمنيٰ زيدي ٽڪ ٽاڪرز کي پاڻ کان باصلاحيت قرار ڏئي ڇڏيو

Most Popular