يمنيٰ زيدي ٽڪ ٽاڪرز کي پاڻ کان باصلاحيت قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (شوبز نيوز) من موهڻي اداڪارا يمنيٰ زيدي ٻين فنڪارن جي ڀيٽ ۾ ٽڪ ٽاڪرز کي باصلاحيت قرار ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن مان اداڪاري نه ڪيان ها ته ٽڪ ٽاڪ ويڊيوز ٺاهيان ها. يمنيٰ زيدي جي هڪ ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ هوءَ شائستا لوڌي سان ٽڪ ٽاڪ بابت ڳالهائي رهي آهي.ويڊيو ۾ شائستا لوڌي طرفان ٽڪ ٽاڪ هلائڻ بابت سوال تي يمنيٰ زيدي چئي رهي آهي ته مون کي لڳندو آهي جڏهن توهان واندڪائيءَ ۾ ٽڪ ٽاڪ ڏسو ته هڪ ڏيڍ ڪلاڪ ائين گذري ويندو آهي جو خبر ئي ناهي پوندي.اداڪارا موجب ٽڪ ٽاڪ ويڊيوز تي ماڻهو ڏاڍي محنت ڪن ٿا، جن کي ڏسي سوچيندي آهيان ته اهي اسان کان وڌيڪ باصلاحيت آهن، مان اداڪاري نه ڪيان ها ته ٽڪ ٽاڪ ويڊيوز ٺاهيان ها، ڇو ته ويڊيوز ڏسندي ڏاڍو مزو ايندو آهي.سندس چوڻ هو ته ڪنهن ٻئي جي آواز تي چپ چورِڻ ڏکيو ڪم آهي، مان ڪڏهن ڪا ٽڪ ٽاڪ ويڊيو ناهي ٺاهي، ڇو ته ڪنهن ٻئي جي آواز تي چپ چورڻ لاءِ توهان ۾ صلاحيت هجڻ گهرجي.

Read Previous

سنڌ حڪومت پهرين ڏينهن کان برسات جي تباهه ڪارين کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجي حڪمت جوڙي آهي : صوبائي وزير آبپاشي سهيل انور سيال

Read Next

رياستي ادارا پنهنجي ڪم ۾ ناڪام ٿي چڪا آهن،گم ڪيل شهري ڪاڏي ويا:چيف جسٽس

Most Popular