ميرپورخاص جا شهري توڙي ٻهراڙي جا علائقا پندهن ڏينهن کان برساتي پاڻي هيٺ آهن. حليم عادل شيخ

ميرپورخاص: پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي نائب صدر ۽ سنڌ اسمبلي ۾ پارليماني ليڊر حليم عادل شيخ ملڪ هائوس ميرپورخاص ۾ اهم پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪيو ان سان ڳڏ پي ٽي آئي ميرپورخاص ضلعي صدر آفتاب قريشي، راجا عبدالحق، سمير مير شيخ، راشد راجپوت سميت ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا حليم عادل شيخ خطاب ڪندي چيو ته سعيد غني کي هي علائقن نظر نٿا اچن شايد روز سٺن علائقن جا فوٽو ڪڍي ٽويٽ ڪري سڀ ٺيڪ آهي چوندو آهي. هتي ميرپورخاص، سانگهڙ،عمرڪوٽ جا هزارين ڳوٺ پاڻي هيٺ آهن سنڌ حڪومت جو ڪوبه وزير مشير عوام ۾ نظر نٿو اچي هزارين بي گهر خاندان روڊن تي مفلسي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن سنڌ حڪومت ڪوبه عوام کي رليف نه ڏنو آهي. ڊپٽي ڪمشنرز پ پ جي وڏيرن جي غلامي ڪري رهيا آهن، کيس سوچڻ گهرجي ته هو عوام جا نوڪر آهن عوام جي خدمت ڪن ليڪن ڊپٽي ڪمشنرز امدادي سامان وڏيرن جي اوطاقن تي پهچائي رهيا جيڪو سامان متاثره خاندان کي ملڻ جي بدران پ پ جي ليڊر کي ملي رهيو آهي. لکين ايڪڙ فصل پاڻي هيٺ آهن سنڌ حڪومت پاڻي ڪڍرائڻ جا ڪي به اپاءَ نه ورتا آهن ايريگيشن کاتي ۾ اربين روپين جي ڪرپشن جي ڪري بند ٽٽي رهيا آهن جيڪي ڳوٺ جا ڳوٺ ٻوڙي رهيا آهن. هن وقت انسان توڙي جانور وڏي پريشاني ۾ آهن سنڌ حڪومت کي گهرجي ته فوري طور تي ميڊيڪل ۽ وٽنري ٽيمون اماڻي پيدا ٿيندڙ وبائي مرضن کي روڪيو وڃي. هن چيو ته گورنر جي اعلان مطابق هڪ لک راشن بيگ هڪ لک ڊهيل گهرن کي ٻيهر ٺاهڻ لاءِ جو ڪم شروع ٿي ويو آهي راشن عوام کي ڏيئي رهيا آهيون ميرپوخاص جي مختلف علائقن ۾ ٽينٽ به تقسيم ڪيا آهن وزير اعظم پاڪستان سنڌ جي عوام کي مڪمل رليف فراهم ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته شهباز شريف ڪراچي اچي رهيو هو اسان سوچيو ته شايد زرداري کي روڊ تي گهليندو مگر هتي نظارو ئي ٻيو نڪتو. ڪرپشن پڪڙجڻ تي ٻئي سياسي حريف دوست بڻجي ويا آهن. سنڌ جي وزير نيب کي گهربل آهن ڪيل ڪرپشن مان بچي نٿا سگهن. حليم عادل شيخ پريس ڪانفرنس کي پوءِ پي ٽي آئي اڳواڻن سان گڏجي ميرپورخاص جي شهري توڙي ٻهراڙي وارن برسات متاثره علائقن جو دورو ڪري عوام جا اهنج ٻڌي هر ممڪن مدد ڪرڻ جي خاطري ڪرائي حليم عادل شيخ چيو متاثرين کي راشن سميت ٽينٽ فراهم ڪري رهيا آهيون. سنڌ جي عوام کي ڪرپٽ سنڌ حڪومت جي رحم و ڪرم تي نه ڇڏينداسين.

Read Previous

وفاقي حڪومت سڄي سنڌ ۾ اسان جي مدد ڪري: سيد مراد علي شاهه

Read Next

سنڌ حڪومت پهرين ڏينهن کان برسات جي تباهه ڪارين کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجي حڪمت جوڙي آهي : صوبائي وزير آبپاشي سهيل انور سيال

Most Popular