رياستي ادارا پنهنجي ڪم ۾ ناڪام ٿي چڪا آهن،گم ڪيل شهري ڪاڏي ويا:چيف جسٽس

جسٽس منيب اختر

اسلام آباد: چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا آهن ته رياستي ادارا پنهنجي ڪم ۾ ناڪام ٿي چڪا آهن.چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس اطهر من الله پنج سالن کان گم شهري عمران خان جي بازيابي جي لاءِ ماءُ نسرين بيگم جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي جي ڪميشن پاڻ چئي رهي آهي ته هي جبري گمشدگي جو ڪيس آهي، عدالت کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته گم ٿيل ماڻهن جي ڪميشن جو مقصد ڇا آهي؟ ڪميشن 10-10 سالن تائين ڪيس رکي ويٺي آهي، جنهن تي ڊپٽي اٽارني جنرل سيد محمد طيب شاهه چيو ته اِها ڪميشن جي حتمي راءِ ناهي.چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ريمارڪس ڏنا ته ٿي سگهي ٿو ته هو ڏوهه ڪري پاڻ غائب هجي پر رياست ڪٿي آهي؟ جيڪڏهن ڪو شخص پاڻ پنهنجي مرضي سان هليو وڃي ته به ان جو پتو ته رياست کي ئي لڳائڻو آهي، عدالتن جو ڪم انويسٽي گيشن ڪرڻ ناهي، دنيا جي بهترين انٽيلي جنس به چئي رهي آهي ته هنن کي خبر ناهي ته پوءِ اسان ڇا چئون؟اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان جي بازيابي جي لاءِ ادارن کي آخري مهلت ڏيندي چيو ته 29 سيپٽمبر تائين آخري مهلت آهي شهري کي بازياب نه ڪرائڻ تي ناڪامي قبول ڪرڻي پوندي، جيڪڏهن ڪو ماڻهو گم ٿي وڃي ۽ ان کي نه ڳولهي سگهجي ته رياست کي اِهو قبول ڪرڻ گهرجي ته هو فيل رياست بڻجي چڪي آهي، جيڪڏهن رياست ٻيو ڪجهه نٿي ڪري سگهي ته گهٽ ۾ گهٽ ايترو ظرف ڏيکاري ته پنهنجي ناڪامي قبول ڪري. ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 29 سيپٽمبر تي ٿيندي.

Read Previous

يمنيٰ زيدي ٽڪ ٽاڪرز کي پاڻ کان باصلاحيت قرار ڏئي ڇڏيو

Read Next

ڪراچي جا مسئلا جلد حل ڪيا ويندا، 3 سالن ۾ شهر کي تبديل ڪيو ويندو.: آرمي چيف

Most Popular