سکر ۾ ميئر ۽ چئيرمينن جو مدو ختم ٿيڻ سان ئي سياسي سڻڀي پوسٽ ماڻڻ لاء سياسي سرگرميون تيز

سکر:  ميئر ۽ چئيرمينن جو مدو ختم ٿيڻ سان ئي سياسي سڻڀي پوسٽ ماڻڻ لاء سياسي سرگرميون تيز  هر پارٽي جي ڪارڪنن جون ڪراچي جا پنڌ وڌي ويا بلدياتي نظام جو مدو پورو ٿيڻ کان اڳ سکر ۾ جيئالن جون ڪراچي ڏانھن ڊوڙون شروع، پ پ قيادت پاران عام ورڪر کي ايڊمنسٽريٽر بڻائڻ جو فيصلو، سکر جي ڪارڪن مان چوري اظھر جو نالو سر فھرست، پ پ ڪارڪنن پاران چودري اظھر کي ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪرڻ جو مطالبو. خبرموجب سنڌ ۾ بلدياتي حڪومت جو مدو 28 آگسٽ تي پورو ٿيڻ کانپوء سنڌ ۾ وقتي طور بلدياتي نظام ھلائڻ لاء ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪرڻ واري اعلان کانپوءِ ييپلز پارٽي جا اڳواڻ سرگرم ٿي ويا آھن. پ پ سکر جي قيادت پاران سکر ۾ ڪنھن عام ورڪر کي ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي. ان ڏس ۾ ذريعن جو چوڻ آھي ته پ پ سکر جي قيادت پاران سکر ۾ ايڊمنسٽريٽر لاء پ پ سکر جي انفارميشن سيڪريٽري چودري اظھر حسنين کي مقرر ڪرڻ لاء پارٽي قيادت کي درخواست ڪئي ويندي. ھوڏانھن پ پ سکر جي اڪثر ڪارڪنن جو چوڻ آھي ته پيپلز پارٽي ھميشه عام ورڪر کي اھميت ڏني آھي ھن ڀيري بہ بلدياتي نظام ھلائڻ لاء سکر جي عام ورڪر کي ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ويندو. ھنن پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، پ پ سنڌ جي صدر کان مطالبو ڪيو آھي ته سکر ۾ چودري اظھر کي ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو وڃي.

Read Previous

ڪراچي جي جوڙي لاڙڪاڻي جي عدالت ۾ پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو

Read Next

ڪراچي جي صافين لاءِ بجلي جي اگهن ۾ واڌ ڪرڻ ظالماڻو قدم آهي :امتياز شيخ

Most Popular